169

مُني صديءَ جي ڪردار قاضي خضر حيات جو وڇوڙو…!!

ليکڪ: قاضي جاويد سنائي

هڪ ئي وقت انجنيئر، چترڪار، ليکڪ، استاد، مصور ۽ سڪندر آرٽ گئلري جي بانيڪار سائين قاضي خضر حيات زندگيءَ جون 75 بهارون يعني مُني صدي ماڻي، پنهنجي ڪردار کي هرک جي اڇي ڪپڙي جيان اجرو رکي خالق ڪائنات پاران مليل عظيم نعمت زندگي کي پورو ڪري دارالفنا کان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيا، اهڙن ئي ڪردارن لاءِ ڏاها چئي ويا آهن ته انسان کي موت آهي پر ڪردار کي موت ناهي، ڇاڪاڻ جو ڪردار صدين تائين ياد رهندا آهن، جڏھن 75 بهارون پوريون ٿيون ته سندس پٽ پريتم قاضي مونکي فون ڪري چيو ته اچو ته ڪچهري به ڪيون، بابا جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ به ڪٽيون ۽ بابا سائين جن پنهنجي سموري زندگي جيڪا هيسيتائين گهاري آهي ان بابت ڪتاب به لکيو اٿس”جهاڳيو مون جهان“ ان تي ڪجهھ ڳالهيون ڪيون، آئون قاضي هائوس نوابشاھه پهتس جتي ڪورونا وائرس سبب سماجي وٿيءَ ڪري رڳو هڪٻئي کي پري کان کلي کيڪاريوسين، ان بعد سائين قاضي خضر حيات جي جنم جي خوشيءَ ۾ اسان چئن ڄڻن ڪيڪ ڪٽي هڪٻئي کي کارايو، ڪيڪ کائي جڏھن واندا ٿياسين ته ڪچهري شروع ٿي، پنهنجي آتم ڪٿا تي لکيل ڪتاب ”جهاڳيو مون جهان“  ۾ جيون ڪٿا ۾ ٻالڪپڻي کان وٺي، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرديءَ وارو زمانو، ننڍپڻ کان وٺي آرٽ سان لڳاءُ، تقرير ڪرڻ جي مهارت کان وٺي يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ ون يونٽ جي ڪٺور ۽ ظالم قانون تائين، شاگرديءَ جي زماني ۾ شهيد وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي سان چاهت، اُنسيت ۽ ويجهڙائيءَ سان گڏ سندس ڪردار کان ولولا انگيز طور تي متاثر هجڻ ۽ ان جي شخصي خاڪي تائين، ٽئين اهم ۽ مثبت سنڌ جي اعليٰ ڪردار سنڌ جي جان ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان جي ڪم، ڪردار ۽ شخصي خاڪي تائين، 1971ع واري جنگ جي هيبتناڪ احساسن تائين، اسٽيل مل جي ابتدائي ڪم کان وٺي، چيني انجنيئرن سان گڏ لاڙڪاڻي (نئون ديرو) شگر مل ٺاهڻ تائين، پاڪ-سعودي فرٽيلائيزر مل (ميرپور ماٿيلو) جي اڏاوت ۽ شهيد ڀُٽي جي شهادت ۽ مل جي مالڪن جي سنڌي ملازمن سان وحشي رويي تائين، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاهه جي تعمير ڪرائڻ کان وٺي قائد عوام يونيورسٽي ٺهڻ تائين، يونيورسٽيءَ ۾ چوويهن سالن جي نوڪري کان پوءِ کيس نان ڪنفرم ملازم ڄاڻائي تڪليف ڏيڻ تائين جو احوال شامل آهي، خير اهو سانڍڻ جهڙو ڪتاب ”جهاڳيو مون جهان“ نيٺ ڇپجي اچي ويو، دل چيو ته ان ڪتاب تي مختصر ڪجهھ لکجي ايئن رات دير سان سوشل ميڊيا تي ڄاڻايل ڪتاب بابت محمد مٺل جسڪاڻي جا تاثر پڙهيم جيڪي دل سان ان ڪري به وڌيڪ لڳا جو تازو ئي ان ڪتاب بابت صاحب ڪتاب سائين قاضي خضر حيات جو انٽرويو ڪري آيو هئس سو سوچيم ته سائين مٺل جسڪاڻي کان وڌيڪ مان نٿو لکي سگهان،  قاضي خضر حيات جي ڪتاب تي مٺل جسڪاڻي پنهنجي تاثر ۾ لکيو آهي ته ”جهاڳيو مون جھان“ جنھن پھرئين دفعي چيو ۽ پوءِ لکت ۾ آيو، ان به جھان جهاڳيو، جنھن اھو ٻُڌو، پڙھيو، جنھن نه ٻڌو، نه پڙھيو، ان به جهاڳيو، جيڪي ھي ٻه اکر پڙھندا، انھن به، ٿورو يا گهڻو، مون به جھان جهاڳيو آھي، پر آئون جنھن ”جهاڳيو مون جھان“ جو ذڪر ڪرڻ پيو گهُران، اھو ڪتاب آھي، جيڪو گهڻ رُخي شخصيت، نامياري آرٽسٽ، ليکڪ ۽ انجنيئر  قاضي خضر حيات لکيو آھي. خورشيد خضر علمي، ادبي ۽ اشاعتي اداري، نواب شاهه(ضلعي شھيد بينظير آباد) پاران مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جي سهڪار سان پريتم قاضي ڇپرايو آھي.”جهاڳيو مون جھان“ ڪتاب جو ھڪ صفحو ”پنھنجي پاران“ ليکڪ پاڻ، ڄڻ ته ڪتاب جو اختصار لکيو آھي… ”ھي ڪٿا، ڪا عام رواجي آتم ڪٿا ناھي!“ عنوان سان پنج صفحا ڪتاب ڇپرائيندڙ پريتم قاضي لکيا آھن. جنھن ۾… اوھان ڪتاب مان پڙھي وٺجو. ڪتاب جي خوبصورت بئڪ ٽائيٽل تي مختصر پر اھم، ڪجهه سٽون معشوق ڌاريجو لکيون آھن. جڏھن ته اٽڪل 9 صفحا مھاڳ ”ناول نما ڪتاب يا ھڪ تاريخي دستاويز“ مون (راقم، مٺل جسڪاڻي) لکيو آھي.416 صفحن تي ٻڌل ھن ڪتاب جي صفحي 19 کان 294 تائين ڪتاب جي ليکڪ پنھنجي وڏڙن جي زباني ٻُڌل سندس ننڍپڻ جي ڳالھين سميت 1945ع کان 1990ع تائين جون ساروڻيون ساريون آھن، جن ۾ لڳ ڀڳ 400 مختلف انتھائي اھم شخصيتن ۽ ڪجهه عام پر ليکڪ جي نظر ۾ سارڻ جھڙين شخصيتن سان، سندس واسطن ۽ رابطن جو ذڪر آھي، هن ڪتاب جي 120 رنگين صفحن ۾ سَون جي تعداد ۾ سنڌي اديبن، دانشورن، سياستدانن توڙي ٻين اهم شخصيتن جون رنگين تصويري ساروڻيون پڻ شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو