179

سنڌ جون سياسي پارٽيون ۽ وفاقي وزير جو رويو..؟؟

ليکڪ: محمد فاروق ٻرڙو

رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ سنڌي دانشورن ۽ ليکڪن سان ڪيل ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ نارمل پوليٽيڪل صوبو ناھي، سنڌ ڪرمنلائيز پولٽيڪل صوبو آهي، وفاقي سرڪار ڪجھه اھڙا قدم کڻندي جنھن سان سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ اختلاف وڌندي نظر ايندا، سنڌ ۾ اھڙا ماڻھو گھرجن جيڪي پي ٽي آءِ سان گڏ بيھن، ھوڏانھن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳايو وڃي، جيئن ته سنڌ جي منظر نامي ۾ ايم ڪيو ايم جي حيثيت ھاڻ مئل گھوڙي جھڙي آهي پر اھو مئل گھوڙو ھن وقت به پي ٽي آءِ سرڪار جي طنبيلي ۾ بيٺل آهي ان ڪري اھو ضروري ٿو سمجھجي ته ايم ڪيو ايم پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري گهر ۽ وفاقي وزير اسد عمر پاران سنڌ کي” سياسي ڏوھارين جو صوبو“ قرار ڏيڻ وارن ٻنهي موقفن پٺيان ڪٿي وفاقي سرڪار جي ڪا خواهش ته لڪل ناهي، اسان وفاقي وزير اسد عمر پاران سنڌي دانشورن سان ڪيل ڳالهه ٻولهه بابت پھريون سوال اھو اچي ٿو ته جن دانشورن کي اسد عمر خطاب ڪيو آهي ڇا اھي واقعي دانشور به آهن يا نه؟  اسان ھنن ڪالمن ۾ ملڪ جي سڀني سياستدانن کي اھا گذارش ڪندا رهيا آهيون ته جيئن ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ۽ پيپلزپارٽي جا مخالف جڏهن به پ پ تي تنقيد ڪرڻ لڳندا آهن تڏهن اھي اھو وساري ويهندا آهن ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ ٻه ڌار ڌار حقيقتون آهن ان ڪري جڏهن به پيپلزپارٽي تي تنقيدن جا تير وسايا وڃن تڏهن ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته اھڙن لفظن ۽ جملن کان پاسو ڪيو وڃي جن ۾ سنئون سڌو سنڌ تي حملي جو تصور اڀري، سنڌ جو ماڻهو پيپلزپارٽي يا سنڌ سرڪار سان اختلاف رکندڙن جي تنقيد تي ته ڪو به رد عمل نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته رد عمل جو حق پارٽي ۽ سنڌ سرڪار کي ئي آهي پر جيڪڏهن سنڌ خلاف ڪي گٿا لفظ ڳالهايا وڃن ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي رد عمل کي روڪڻ ڪنھن جي به وس ۾ نه ھوندو،  اسان سمجهون ٿا ته وفاقي وزير پاران اھو چوڻ ته سنڌ ”سياسي ڏوھارين“ جو صوبو آهي، تنھن جو اھو ئي مطلب نڪري ٿو ته سنڌ ۾ جيڪي به سياسي سوچ رکندڙ ماڻهو آھن اھي سڀئي ڏوھاري آهن ۽ سنڌ نارمل پولٽيڪل صوبو ناھي، اسان سمجهون ٿا ته وفاقي وزير دانشورن سان ڳالھائڻ وقت لفظن جي صحيح چونڊ نه ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ رڳو پيپلزپارٽي ئي ناهي پر سنڌ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون سياسي پارٽيون سرگرم آهن، جن سان ھر ڪنھن کي ھر سياسي پارٽي کي اختلاف رکڻ جو حق آهي، جڏهن ته اھا ڳالهھ به ھر ڪنھن کي ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته سنڌ پاڪستان ۾ رضا ڪاراڻا طور تي شامل ٿي آهي ۽ اھا پاڪستان جي خالق به آهي ۽ پاڪستان جي حقيقي ڪسٽوڊين آهي، سنڌ جو ماڻهو جيترو محب وطن آهي اوترو شايد ٻيو ڪو به نه ھجي، ان ڪري سنڌ کي ڏوھارين جو صوبو قرار ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ بھرحال سنڌ سرڪار جي مخالفت ۾ جيڪڏهن سنڌ کي لتاڙڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي ته پوءِ ڪنھن به وقت ڪو وڏو ممڻ مچي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ ھڪ ننڍڙو مثال اڳ ئي موجود آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پرڏيهي دورن دوران سنڌي ٽوپي پائڻ تي ھڪ ٽي وي اينڪر پاران ڪيل تنقيد جو اھو نتيجو نڪتو جو سڄي سنڌ ھڪ ئي وقت نه رڳو رستن تي اچي وئي پر ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اجرڪ ۽ ٽوپي وارو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي اسان کي خبر ناهي ته جن دانشورن کي سرڪار جي چپٽي وڄائڻ تي اسلام آباد پھچڻ جو حڪم ڏنو ويو تن وفاقي وزير پاران ڳالھايل اھڙن لفظن تي ڪھڙو رد عمل ظاهر ڪيو، بھرحال وفاقي وزير کي پنھنجن لفظن تي ٻيھر غور ضرور ڪرڻ گهرجي، اسان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري مطالبي کي سندن سياسي بيوسي سمجهون ٿا ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جي پيرن هيٺان ڏينھون ڏينهن زمين کسڪي رهي آهي، ان ڪري اھي پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ ڪڏهن سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ڪڏهن سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي گھر ڪن ٿا، اسان سمجهون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي قيادت ھاڻ آخري پساهن ۾ آهي، ان ڪري انھن جي ڳالھين کي دل تي وٺڻ نه گھرجي، ڇاڪاڻ ته ھاڻ انھن جو جياپو ئي ابتا سبتا بيان ڏيڻ ۽ مطالبا ڪرڻ تي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو