105

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي وڌندڙ شرح روڪي وڃي….

ايڊيٽوريل

ملڪ ۾ ڪورونا جا نوان ڪيس 2783 رپورٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب 39 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، ميڊيا رپورٽن مطابق پاڪستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2 هزار 783 ڪيس ۽ 39 موت سامهون آيا آهن، سرڪاري انگن اکرن مطابق 24 ڪلاڪن دوران وائرس جون 49 هزار 274 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن ۾ مثبت ڪيس اچڻ جي شرح 5.6 سيڪڙو رهي، ان عرصي دوران وبا مان وڌيڪ هڪ هزار ماڻهو صحتياب به ٿيا آهن، جنهن بعد شفا وٺندڙن جو مجموعي انگ 9 لک 18 هزار 329 ٿي ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ مثبت ڪيسن جي شرح ڪراچي ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي مثبت اچڻ جي شرح 20.34 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، سنڌ جي صحت واري کاتي مطابق 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ مجموعي طور تي 18 هزار 75 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان هڪ هزار 6 سئو 31 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته صوبي ۾ ڪورونا وگهي 25 ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويٺا آهن، صحت کاتي جي عملدارن مطابق ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 1314 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪورونا ڪيس مثبت اچڻ جي شرح 2.97 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صوبي ۾ مجموعي طور تي ڪورونا ڪيسن جي مثبت اچڻ جي شرح 9.64 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت جيتوڻيڪ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون پڻ لڳايو آهي ۽ مختلف احتياطي تدبيرن لاءِ پڻ حڪم ڏنا آهن پر ان باوجود به ڪورونا تي ڪنٽرول نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، اسان سمجهون ٿا ته عوامي سطح تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جهڙي خطرناڪ مرض کي سنجيدگي سان نه پيو ورتو وڃي ۽ ڪراچي جهڙي انتهائي وڏي آبادي شهر ۾ ماڻهن جا هجوم نظر اچي رهيا آهن ۽ ڪٿي به ايس او پيز تي عمل پڻ ٿيندي نظر نه پيو اچي جيڪو انتهائي خطرناڪ عمل آهي، سنڌ حڪومت کي ڪراچي جي مقامي عملدارن مٿان ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سختي ڪرڻ گهرجي، ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي ۽ هن شهر سان سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ جا لاڳاپا، رابطا ۽ اچ وڃ ايتري گهري آهي جو شايد سنڌ جي هر شهر مان روز ڪو هڪ ماڻهو ڪراچيءَ ۾ اچي ٿو ۽ ڪراچي مان ٻين شهرن ڏانهن وڃي ٿو، ان ڪري جيڪڏهن گادي واري شهر جون حالتون ڪورونا ڪيسن جي حوالي سان خراب رهيون ته پوءِ اها ڪورونا ٻين شهرن تائين آساني سان پکڙجي ويندي، جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪيسن جي شرح انتهائي گهٽ آهي، رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صورتحال خراب نظر اچي رهي آهي، حيدرآباد ۾ به ميڊيا رپورٽن مطابق ڪورونا ڪيسن جي شرح 7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙا ڪيس روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سخت کان سخت قدم کڻڻ گهرجن، ڇو ته ڄاڻايل ٻنهي شهرن ۾ سنڌ جي ٻين شهرن جا هزارين نه پر لکين ماڻهو روزگار، نوڪري توڙي تعليم جي حوالي سان رهائش پذير آهن ۽ اهي ماڻهو هن وقت عيد جي موڪلن تي جڏهن اباڻن شهرن ۾ پهچندا ته انهن جي چيڪنگ جي حوالي سان قدم کڻڻ ضروري آهن، ۽ شهرن جي داخلا وارن گيٽن تي ڪئمپون قائم ڪري اهڙن ماڻهن جي ٽيسٽ ڪرڻ ضروري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو