123

ڪراچي: پوليس گشت دوران ڪارروائي، اسٽريٽ ڪرمنلز گرفتار، وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سر سيد ٿاڻي جي پوليس گشت دوران هڪ ڪارروائي ڪري ٽن اسٽريٽ ڪرمنلز باسط عرف ڪوه نور پٽ قمر علي ، احتشام پٽ سراج ۽ تعظيم پٽ عبدالصمد خان کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 3 عدد پستول ، گوليون موبائيل فونز ۽ هڪ 125 موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي پوليس موجب جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي هوڏانهن گلبرگ ٿاڻي جي پوليس به هڪ ڪارروائي ڪري موٽر سائيڪل لفٽر غلام رسول عرف جمعو پٽ دائود کي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان چوري جي هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي. اي پي پي / م – ن / س – و 16:28

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو