211

روزاني 20 هزار عمره اجازت ناما جاري ڪيا ويندا، سعودي حج عمره نائب وزير

جده (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي حج ۽ عمري جي نائب وزير ڊاڪٽر عبدالفتاح مشاط چيو آهي ته 15 ذوالحج 25 جولاءِ کان عمرو  کوليو ويندو ۽ روزاني 20 هزار عمره اجازت ناما جاري ڪيا ويندا، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمره زائرين جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو،هن چيو ته شروعاتي طور تي ملڪ مان عمره زائرين جي شروعات ڪئي ويندي جنهن کانپوءِ مرحلي وار ان جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو حج کان اڳ جيڪو عمره زائرين جو روزاني جو تعداد هو ان جي برابر تعداد ٿي ويندو،هن چيو ته لڳاپيل ادارا مقامي ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ ڪورونا جي صورتحال تي نظر رکي رهيا آهن جنهن جي مناسبت سان حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو