لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد علي گوهر آباد واري علائقي مان ڪالهه 55 سالن جي پيرسن همراهه جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي وارثن جو ڏس پتو نه پوڻ تي پوليس ضروري ڪاروائي بعد لاش ايڌهي انتظاميه حوالي ڪري ڇڏيو جنهن تي ايڌهي رضاڪارن طرفان لاش کي لاوارث قرار ڏيندي غسل ۽ ڪفن ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو.
