ليڊز (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ پاڪستان کي ٻئي ٽي-20 ۾ 45 رنسن تان شڪست ڏئي پهرئين ٽي-20 جو پلاند وٺي ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ٻي ٽو ٽوئنٽي ۾ پاڪستاني ڪپتان ٽاس کٽي انگلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، انگلينڊ ڪپتان بٽلر جي 59 رنسن سان پاڪستان کي 201 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، پاڪستان طرفان محمد حسنين 3، عماد وسيم ۽ حارث رئوف 2-2 وڪيٽون ورتيون ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي بابر اعظم، محمد رضوان، صهيب مقصود، محمد حفيظ، فخر زمان ۽ اعظم خان انگلش بالرن سامهون ناڪام ويا، پاڪستاني ٽيم 9 وڪيٽن تي 155 رنسون ٺاهي سگهي، محمد رضوان 37 ۽ شاداب خان 36 رنسن سان نمايان رهيا.
