191

خيرات وٺندڙ ۽ قرض گهڙندڙ جي ڪو عزت ناهي ڪندو، عدالتون آزاد آهن، ڪنهن جج کي فون ناهيان ڪندو ته ٽي نه پنج سال سزا ڏيو: وزيراعظم

آزاد ڪشمير(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خيرات وٺندڙ ۽ قرض گهڙندڙ جي ڪو عزت ناهي ڪندو، ڪنهن جج کي فون ناهيان ڪندو ته 3 نه پر 5 سال سزا ڏيو، ملڪ ۾ عدالتون آزاد آهن، آزاد ڪشمير جي علائقي ڀمبر ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته دنيا ۾غربت،ڪرپشن ۽ لاقانونيت جي ڪري آهي،چاهيان ٿو ته اسان جي پاسپورٽ جي عزت ٿئي ۽ عظيم قوم بڻجون، عدالتون آزاد آهن،ڪنهن جج کي فون ناهيان ڪندو ته ٽي نه پر پنج سال سزا ڏيو،سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ کي عمران خان ڪنٽرول ناهي ڪندو، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دنيا ۾جيڪي ملڪ غريب آهن،اتي به نواز شريف ۽ ان جهڙا ٻيا ماڻهو ويٺا آهن،جتي توهان کي غربت ملي،اتي قانون جي نه پر طاقت جي حڪمراني ملندي، بيماري جو بهانو ڪري ملڪ مان ڀڄي ويندڙ اهڙي اداڪاري ڪئي جو اسان جي ڪابينا جي عورتن سندس شڪل ڏسي روئڻ شروع ڪيو،هڪ نواز شريف لنڊن ويو ته ٻيو اچي ويو، اوهان جنهن کي ووٽ ڏئي رهيا آهيو،ڇا ان جماعت جو ليڊر سچو ۽ ايماندار آهي؟اسان کي عظيم قوم بڻجڻو آهي،پاڻ کي به تبديل ڪرڻو آهي ۽ ملڪ کي به تبديل ڪري ڏيکارڻو آهي، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته خيرات گهرندڙ ۽ قرض وٺندڙ جي ڪو عزت ناهي ڪندو،انسانن آڏو هٿ پکيڙيندڙ جي ڪو عزت ناهي ڪندو،جيڪو ملڪ پيرن تي ناهي بيهندو،ان جي عزت ناهي هوندي، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته نيب کي ڪنٽرول ناهيان ڪندو، اسان جا پنهنجا وزير به جيلن ۾ آهن، جيڪڏهن نيب کي ڪنٽرول ڪيان ها ته اهي وزير جيل ۾ نه هجن ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو