101

پاڪستان ۽ چين داسو ڊيم منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم،چيني ڪمپني سمورا ملازم بحال ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اتر ڪوهستان ۾ چيني انجنيئر جي مارجڻ کانپوءِ چيني ڪمپني پاران ملازمن کي ڪڍڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، ملازمن کي ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان واپڊا ترجمان چيو آهي ته داسو پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني پاڪستاني ملازمن کي ڪڍڻ جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو آهيۡ، واقعي کانپوءِ سول انتظاميا،واپڊا ۽ چيني ڪمپني ان معاملي تي گڏيل صلاح مشورو ڪيو،تعميراتي ڪم ٻيهر شروع ٿيندو، جڏهن ته پراجيڪٽ تي ڪم بند ٿيڻ جو مقصد حفاظتي قدمن کي نئين سر جاچڻو آهي،چيني ڪمپني عملدارن سان لڳاتار رابطي ۾آهيون، واپڊا جي ڪوششن جو مقصد داسو پراجيڪٽ تي تعميراتي ڪم جي جلد بحالي هو،اسان ان ڪوشش ۾ڪامياب وينداسين.هوڏانهن  پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين داسو ڊيم منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڊيم تي ڪم ڪندڙن جي حفاظت ۽ تعمير جي معاملن کي ٻيهر ڏسي رهيا آهيون، ان حوالي سان پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ اختيارين ۾ويجها رابطا آهن، ٻئي ملڪ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ  ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو