188

افغان حڪومت اسلام آباد مان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو،فيصلو بدقسمتي ۽ افسوسناڪ آهي:پاڪستان

اسلام آباد/ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي  حڪومت اسلام آباد مان پنهنجي سفير سميت سمورو سفارتي عملو واپس گهرائي ورتو آهي، افغان سفير جي ڌيءَ جي اغوا معاملي جي جاچ لاءِ افغانستان جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. پاڪستان چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ اغوا ناهي ٿي، هي عالمي سازش ۽ ”را“ جي ايجنڊا آهي. رپورٽ موجب افغانستان جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته  افغانستان جي صدر اسلام آباد مان افغان سفير نجيب الله علي خيل سميت سموري سفارتي عملي کي واپس گهرائي ورتو آهي. پنهنجي سفير ۽ سفارتي عملي کي سيڪيورٽي جي معاملي تي واپس گهرايو آهي،افغانستان جو وفد پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ ان صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، جڏهن ته ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ کي اغوا ناهي ڪيو ويو،هي عالمي سازش ۽ را جي ايجنڊا آهي،ڇوڪري پهريان چيو موبائل فون کڻي ويا،وري فون ڏنو پر ڊيٽا ڊليٽ ڪري ڇڏي، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته کڏا مارڪيٽ کان ڇوڪري راولپنڊي وئي،پر اها ڳالهه نه ٿي مڃي،سي سي ٽي وي وڊيو ڏٺي آهي،هڪ نه پر 3 ٽيڪسيون هيون،ٻئي ٽيڪسي ڊرائيور کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، ڇوڪري گهر کان نڪري کڏا مارڪيٽ مان ٽيڪسي ڪئي،وڊيو موجود آهي،جنهن مطابق ڇوڪري ايف سيون کان ٽيڪسي ۾دامن ڪوهه وئي،جتان ايف نائين پارڪ وئي هئي، هن چيو ته افغان سفير جي ڌيءَ هاڻي نٿي مڃي ته هو راولپنڊي هئي وئي،ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي آهي،هي حساس معاملو آهي،ڀارت دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪري رهيو آهي. هوڏانهن پاڪستان پرڏيهي کاتي جو ترجمان چيو آهي ته افغان حڪومت پاران پنهنجو سفير ۽ سفارتي عملو واپس گهرائڻ جو فيصلو بدقسمتي ۽ افسوسناڪ آهي، هن چيو ته افغان سفير جي ڌيءَ جي اسلام آباد مان مبينا اغوا جي جاچ جاري آهي، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ٿئي پئي، افغان سفير ۽ سندس خاندان ۽ ٻئي سفارتي عملي جي سيڪيورٽي وڌائي آهي، پاڪستان افغان حڪومت کان فيصلي جي نظرثاني جي اميد ڪري ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو