لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته گئس ۽ بجلي لوڊشيڊنگ پويان پي ٽي آءِ جي دولت ڪمائڻ جي حوس ۽ بدترين نااهلي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته مقامي سنت ۽ سي اين جي شعبي کي گئس مڪمل بند ڪرڻ قوم جي لاءِ هڪ وڌيڪ خراب خبر آهي،ان تي ڳڻتي اٿم، هن چيو ته ڪجهه مهينن کان بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جو افسوسناڪ سلسلو جاري آهي،گرمين ۾گئس جي لوڊشيڊنگ بدانتظامي جي انتها آهي، ملڪ ۾وڌيڪ بجلي هجڻ باوجود بدترين لوڊشيڊنگ جاري آهي،موجوده صورتحال پي ٽي آءِ جي دعويٰ کي ڪوڙو ثابت ڪيو، شهباز شريف وڌيڪ چيو ته وقت ثابت ڪيو آهي ته ن ليگ ملڪي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي بجلي جي پيداواري صلاحيت وڌائي،عوامي پريشاني گهٽ ڪئي، گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بنيادي سبب وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا آهي.
