لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ چئن وڏن منصوبن جو افتتاح ڪيو ويو، يونيورسٽي اينڊ بورڊز کاتي بابت وزير اعليٰ جي صلاحڪار نثار احمد کهڙو ، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاالرحمان سان گڏجي چئن مک منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو ، تفصيل موجب اي ڊي پي اسڪيم تحت سينٽرل ڊيجيلٽل لائبريري جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو ، پروفيسر ڊاڪٽر بلقيس ملڪ گرلس هاسٽل اينڪليو، پوسٽ گريجيوئيٽ شاگردن لاءِ نئين جوڙايل هاسٽل نمبر 8 ۽ انسٽيٽيوٽ آف فارميسي اينڊ ريهيبليٽيشن سائنسز جو افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي يونيورسٽي اينڊ بورڊز کاتي بابت وزير اعليٰ جي صلاحڪار کي يونيورسٽيءَ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طرفان بريفنگ ڏني وئي ته سينٽر ڊيجيٽل لائبريري جديد ۽ بين الاقوامي طرز تي ٺاهي پئي وڃي جنهن ۾ هڪ ئي وقت 700 شاگرد فائدو وٺي سگهندا ۽ جيڪا سينٽرل ايئرڪنڊيشن ھوندي ، ٻئي طرف کيس ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيءَ ۾ ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿراپي اينڊ ريهيبليٽيشن سائنسز جو اضافو ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته ان کان اڳ يونيورسٽيءَ جي ڇٽيءَ هيٺ ٻه ميڊيڪل ڪاليجز ، هڪ ڊينٽل ڪاليج ، هڪ نرسنگ ڪاليج ، هڪ فارميسيءَ جو ادارو ڪم ڪري رهيا هئا ، ان کان سواءَ نون هاسٽلين جي ٺهي راس ٿيڻ سان هاسٽلن جي کوٽ تي پڻ گهڻي قدر ضابطو آندو ويو آهي، ان موقعي تي يونيورسٽي اينڊ بورڊز کاتي بابت وزير اعلى جي صلاحڪار نثار احمد کهڙو چيو ته مون کي هن يونيورسٽيءَ ۾ ايندي انتهائي خوشي ٿيندي آهي جو اها يونيورسٽي شهيد راڻيءِ جو خواب هئي ، جڏهن ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي طرفان ڏنل تحفو آهي ، هن وڌيڪ چيو ته جنهن نموني وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاالرحمان هن يونيورسٽيءِ کي ترقي ڏياري آهي ، اهو يقينن قابلِ تعريف آهي ، هڪ سڄاڻ قوم جو اهو فرض هوندو آهي ته اهي پنهنجي ادارن جي مالڪي ڪن ۽ انهن جي ترقي ۾ حصيدار ٿين، ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاالرحمان چيو ته اسان کي خوشي آهي ته سنڌ حڪومت يونورسٽيءَ جي ضرورتن کي سمجهي ٿي، جديد ڊجيٽل لائبرري جي قيام سان پڻ شاگردن ۽ تحقيقدانن کي مدد ملندي ، باقي ٻين ٽن منصوبن جو باقاعدي افتتاح ڪيو ويو آهي، انهن منصوبن جا مستقبل ۾ ڏور رس ۽ ديرپا نتيجا نڪرندا ۽ ان سان تحقيق کي هٿي ملندي ۽ طبي سائنس جي جديد لاڙا متعارف ٿيندا ۽ اسين هيئر بين الاقوامي طرز تي هلندڙ ڪنهن به يونيورسٽيءَ کان گهٽ نه آهيون، اسين پر يقين آهيون ته جلد اسان جي ادارن جي ڳڻپ ملڪ بهترين ادارن ۾ ٿيندي، ان موقعي تي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ، پ پ اڳواڻ خير محمد شيخ ، يونيورسٽيءَ جا سمورا ڊين ، فيڪلٽي ۽ آفيسر پڻ موجود هئا.
212