اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۽ لاهور ۾ڪورونا جو ڀارتي قسم وڌي ويو،وڌيڪ21 ڄڻا فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2607 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا، پازيٽو ڪيسن جي شرح 5.34 سيڪڙو رهي، هوڏانهن ڪراچي ۾83 مريضن ۾ڪورونا جي ڀارتي قسم جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته ضلعي ڪورنگي جي ٽن علائقن ۾مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف لاهور ۾56 ڄڻن کي ڀارتي ڪورونا وائرس ٿي ويو، :صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڊيلٽا وائرس جي پکيڙ ٻين وائرس جي مقابلي ۾50 سيڪڙو وڌيڪ آهي،هوڏانهن بلوچستان حڪومت پاران پهرين آگسٽ کان بغير ويڪسينيشن عوام جي آفيسن سميت سمورن هنڌن تي وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف سنڌ ۾وڌيڪ 18 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1467 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾1236، ميرپورخاص ۾34 ۽ حيدرآباد ۾30 ڪيس پازيٽو آيا آهن.
