181

افغان تڪرار جو سياسي حل چاهيون ٿا،پرڏيهين تي نه ڀاريو:طالبان سربراهه

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي سربراهه هيبت الله اخونزاده پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته افغان تڪرار جو ڀرپور سياسي حل چاهيون ٿا.پرڏيهين تي نه ڀاريو وڃي، هن چيو ته فوجي فائدن ۽ ضلعن تي ڪنٽرول باوجود اسان سياسي ڳالهين جي حمايت ڪيون ٿا، اسلامي نظام قائم ڪرڻ امن ۽ سلامتي جا سمورا موقعا استعمال ڪيا ويندا، خطي ۾جنگ جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون ڪريون پيا،وقت ضايع نه ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو