پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور قرنطينه سينٽر ۾اهلڪارن ۾جهيڙو،فائرنگ،2 اهلڪار مارجي ويا، رپورٽ موجب پشاور ۾ قائم قرنطينه سينٽر ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي کانپوءِ پوليس اهلڪارن هڪٻئي تي هٿيار سڌا ڪري ورتا، جڏهن ته فائرنگ ۾اي ايس آءِ گل رحمان ۽ عمران عرف ڊاڪٽر موقعي تي مارجي ويا، اهلڪارن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
115