بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيني سفير نونگ رونگ سان گڏ سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ داخل زخمي چيني شهرين جي عيادت ڪئي. رپورٽ موجب سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾داسو واقعي ۾ زخمي ٿيل چيني شهرين جي عيادت ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي زخمي چيني شهرين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيني شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي چيني سفير چيو ته چين ۽ پاڪستان ڪنهن به چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون جاري رکندا.
