ليکڪ: فهد جانوري
گذريل ڏينهن اوچتو هڪ خبر وائرل ٿي وئي ته ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن سائوٿ واري علائقي ۾ ڳجهي ڪارروائي ڪندي ڄامشورو پوليس جي موبائل وين کي تحويل ۾ وٺي سي آءِ اي انچارج سميت 5 اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، بعد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پوليس موبائل، گرفتار اهلڪارن ۽ هٿ آيل چرس سائوٿ پوليس حوالي ڪيا، جڏهن ته جوابدارن جي نشاندهي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سائوٿ پوليس سي آءِ اي سينٽر ڄامشورو ۾ ڪارروائي ڪئي ۽ سينٽر مان روزنامچي سميت سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ايس ايس پي ڄامشورو معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ڪوٽڙي غلام شبير سرڪي، ايس ايڇ او ڄامشورو آدم خان ابڙو، ايس ايڇ او سائيٽ خير محمد ملاح تي ٻڌل ٽي رُڪني ڪاميٽي جوڙي آھي، جيڪا معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري ايس ايس پي کي رپورٽ پيش ڪندي، هتي سوال اهو پيدا ٿي رهيو آهي ته سي آءِ اي پوليس اهڙي ڪڌي ڪم ۾ ڪڏهن کان ملوث آهي؟ ايتري مقدار ۾ اسمگلنگ ٿيندڙ چرس ٿاڻي جي پراپرٽي مان کنيو ويو يا صرف موبائل جو سهارو ورتو ويو؟ پوليس جا ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته سي آءِ اي سينٽر جو آفيشلي انچارج نثار احمد ڀٽي آهي، جنهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آھي، پوليس جا ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته سي آءِ اي انچارج سرور راهپوٽو ۽ وڏي منشي اصغر پنهور ۾ شديد اختلاف پڻ آھن، جيڪي ڪجھه ڏينهن کان شدت اختيار ڪري ويا هئا، جنهن بعد هڪ گروپ پنهنجي سموري ٽيم کي سي آءِ اي پوليس مان آر آر ايف ۾ بدلي ڪرائڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي هئي، ڄامشورو ضلعو جيڪو اسٽريٽ ڪرائم جي حوالي سان اُمن وارو ضلعو ليکيو وڃي ٿو پر هڪ ڊگهي سپر هاءِ وي موٽروي ايم نائين ۽ انڊس هاءِ وي جي حد رکندڙ ضلعو آھي، جنهن ڪري پوري مُلڪ جي گاڏين جو هن ضلعي مان گذر ٿئي ٿو ۽ ذريعا اهو به چون ٿا ته ڪنٽينرن جي صورت ۾ منشيات جي اسمگلنگ ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن ان حوالي سان اسان سي آءِ اي جي مختلف ڪاررواين تي نظر وجهنداسين ته ڪروڙين رپيا ماليت جي منشيات برآمد ٿيڻ جون خبرون اينديون رهنديون آهن، هتي سوال اهو پيو پيدا ٿئي ته ڇا اھڙي ڪاررواين دوران ايف آءِ آر ۾ سموري منشيات جو ذڪر ڄاڻايو ويندو آھي يا ڪجهھ حصو اسمگلنگ ڪرڻ لاءِ الڳ ڪيو ويندو آھي؟ پوليس جا ذريعا اهڙو انڪشاف پڻ ڪن ٿا ته ڄامشوري ضلعي مان سي آءِ اي پوليس کي مائنس ڪيو وڃي ته ڪو به ايس ايس پي هن ضلعي ۾ رهڻ لاءِ تيار نه هوندو، سي آءِ اي پوليس اهڙي ڪهڙي جادو جي ڇڙي آھي، جنهن کي مائنس ڪرڻ سان اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ لڳندي. ڇا اها جادو جي ڇڙي اسمگلنگ ته نه آھي؟ ڪالهھ واري اهم ڪارروائي پوليس لاءِ سوالن جا انبار گڏ ڪري ڇڏيا آھن، ڪجھه ڪارين رڍن جي پوري پوليس ڊپارٽمينٽ جو مورال ڪري پيو آھي، شعوري حلقا سوال ڪري رهيا آھن ته جيڪڏهن سي آءِ اي پوليس ۾ اهڙا اندروني اختلاف نه پيدا ٿين ها ته شايد ائين ئي اسمگلنگ جو سلسلو جاري هجي ها، ان سڄي معاملي تي آءِ جي سنڌ کي اعليٰ سطحي جاچ جي ضرورت آهي.