ليکڪ: نورخان بکراڻي
دنيا جي ڪنھن به جمھوري ملڪ ۾ چوُنڊيل عوامي حڪومت جي اولين ۽ اھم ذميواري پنھنجي ماڻھن کي وڌ کان وڌ روزگار، زندگي جون بنيادي سهولتون، روزمره جي استعمال ٿيندڙ شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ۽ ٻيون مُراعتون ڏئي سندن زندگي بھتر ۽ آسان بڻائڻ ھوندو آھي پر افسوس جو اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ حالتون ان کان بلڪل مُختلف آھن، عوام جا بنيادي مسئلا ۽ اھنج گھٽائڻ بدران ھر نئون ايندڙ حڪمران ڪرپشن ۽ بدانتظامي وسيلي پنھنجا گھر ڀرڻ ۽ اقربا پروري ذريعي پنھنجي خاندانن لاءِ ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ، آمريڪا، برطانيا، دبئي ۽ يورپ جي ملڪن ۾ فليٽس ۽ پراپرٽيز ٺاھڻ ۾ رُڌل نظر ايندو آهي، ملڪي خزانن کي لُٽڻ کانپوءِ ان جي حساب ڪتاب ۽ بجيٽ جي خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ ھر حڪومت ملڪ ۾ پنھنجن غلط فيصلن ۽ پاليسين سبب نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، تيل جون قيمتون وڌائڻ ۽ مهانگائيءَ جي شرح ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي اضافو ڪندي رھندي آھي، مھانگائي جو اثر ۽ ان جو سڌو سنئون بار خاص ڪري مزدور، ھاري، ڏھاڙيدار ۽ غريب عوام تي پوندو رھي ٿو، شاھي سوچ رکندڙ حڪمران ھر وقت ڊرائينگ رومز ۾ ويھي فيصلا ۽ عوام جي ٽيڪس جي پئسي تي عياشيون ڪندا رھن ٿا ۽ ٽاڪ شوز ۾ اچي اھو چئي پنھنجي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته گذريل حڪومتن جي ھٿان اسان کي تباھه ٿيل معيشت تحفي طور ملي آهي، ماضيءَ جي ڪرپٽ ٽولي ملڪي معيشيت جو ڏيوالو ۽ جنازو ڪڍي ڇڏيو آھي ۽ ملڪ کي ھڪ ناڪام رياست بڻجڻ جي ڪنڌيءَ تي پھچائي ڇڏيو آهي، ھر گذريل حڪومت جي روايت مطابق نيازي سرڪار جو به ساڳيو مؤقف آهي ته اسان کي ملڪ جي ٻڏندڙ معيشيت کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بس وڌ ۾ وڌ ٿورو وقت گھرجي، عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو فن ته سياسي پنڊت ۽ جمھوريت جو راڳ آلاپيندڙ اڳواڻ نرسري ۾ پڙھي ايندا آهن، سندن عوامي فورمز تي ھر وقت بيانيو اھو آھي ته پرڏيهي قرض لاهڻ ۽ نوان قرض نه کڻڻ اسان جي حڪومت جي پھرين ترجيح ۽ خاص ايجنڊا ۾ شامل آھي ۽ غريب عوام کي ترت ۽ حقيقي رليف ڏيڻ لاءِ رات ڏينھن اسان جي ٽيم ڪوششن ۾ آهي، اليڪشن مھم دوران ھر پارٽي جا اڳواڻ غريب عوام کي وڏا وڏا خُواب ڏيکاري ٺلھا آسرا ڏئي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺي وڃي اسلام آباد ۾ ويهي رھندا آهن، پر اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويھڻ کان پوءِ حڪمرانن جو عوام سان نجي ڪچهرين دؤران ڳالھائڻ جو لھجو ۽ انداز ئي تبديل ٿي ويندو آهي، وزيرن ۽ مشيرن جو نئون مؤقف اھو ھوندو آھي ته نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ ۽ عام واهپي جون شيون مھانگيون ڪرڻ اسان جي مجبوري آهي، ساڳئي وقت نظر ڦيرائي ڏسجي ته مقروض بڻيل غريب ملڪ ۽ ھر سال خساري واري بجيٽ پيش ڪندڙ ملڪ جي وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن جون پگھارون ۽ شاھي خرچ ۽ مراعتون %100 وڌائڻ وقت حڪمرانن کي ڪمزور معشيت الائي ڇو نظر نه ايندي آھي؟ عيد کان اڳ اوگرا پاران موڪليل سمري وفاقي سرڪار طرفان منظور ڪري پيٽرول اسمن جي اگھن ۾ في ليٽر تي 5 رپيا 40 پئسن تائين واڌ ڪري مھانگائي، لاڪ ڊائون ۽ بک بدحاليءَ جي ماريل عوام تي عيد جي خوشين واري موقعي تي پيٽرول بم جو حملو ڪري عوام کان ڄڻ جيئڻ جو حق به کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ياد رھي ته عمران نيازي اينڊ ڪمپني اليڪشن مھم دوران عوام کي نئين پاڪستان جا سبز باغ ڏيکاري اقتدار جي ٽن سالن اندر پراڻي پاڪستان جا بَکيا ئي اڊيڙي ڇڏيا آهن. جنھن سبب عوام جو جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو آهي، مالي سال 22-2021 جي بجيٽ منظور ڪرڻ سان ئي عوام کي رليف ڏيڻ بدران ھڪ ڀيرو ٻيھر پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪري غريب عوام کي مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، ايندڙ وقت ۾ مھانگائي جو ھڪ وڏو طوفان کڙو ٿيڻ جو انديشو ٿي ويو آهي، شايد ان کي منھن ڏيڻ مصيبتن جي ماريل غريب عوام جي وس ۾ ئي نه ھوندو. پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ واري ھن عوام دشمن فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عام اليڪشن دوران عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ مھانگائي کي ٻنجو ڏنو وڃي ۽ تيل جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ واپس ورتي وڃي ته جيئن عوام 2 وقت جي ماني کائڻ لاءِ مجبور ٿي خودڪشيون ڪرڻ کان پاسيرو رھي. اڳ ئي بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام هڪ اهڙي حالت ۾ اچي ويندو جتان ان وٽ رستن تي نڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه رهندو ۽ جڏهن عام ماڻهو پاڻمرادو رستن تي نڪري ايندو ته پوءِ حڪمرانن جا گس ڪيترا سوڙها ٿيندا ان حقيقت کان هو بخوبي واقف آهن. ان ڪري غريب عوام مٿان ايترو بار وجهو جيترو اوهان برداشت ڪري سگهو، ڇو ته عوام جو بار حڪمرانن جي کڻڻ کان ڳرو آهي.