187

معاشي ترقي لاءِ نوجوانن کي فني تعليم ڏيڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن….

ليکڪ: حبيب مرکنڊ

هنرمند انسان ڪنهن به قوم جو سرمايو هوندو آهي، تعليم انسان کي شعور ۽ زندگي جا اهم طريقا سيکاري معاشري جو قابل فخر انسان بڻائيندي آهي پر انسان جيستائين تعليم ۽ شعور کي استعمال ڪري پنهنجي اندر ڪونه ڪو خاص فن يا هنر پيدا نه ٿو ڪري تيستائين اهو پنهنجو انفرادي، اجتماعي، سماجي ۽ قومي فريضو صحيح طريقي سان ھرگز ادا نٿو ڪري سگهي. لفظ ”فني“ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”هنر يا ڪاريگري“ هڪ لوهار کان وٺي انجينئرنگ، زراعت ۽ صنعت جي عملي تعليم ان جا قسم آهن، فني تعليم موجوده دور ۾ ڪاميابي جي اُها ڪنجي آهي، جيڪا هڪ قوم جي مستقبل ۽ حيثيت کي هڪدم تبديل ڪري سگهي ٿي. تڪنيڪي تعليم ۽ تربيت انسان جي لڪيل صلاحيتن کي اڀاري کيس معاشي طور هڪ خودمختيار ۽ مستحڪم فرد بڻائي ٿي ۽ هو ان کي حاصل ڪري پنهنجي لاءِ روزگار حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو،  اڄ دنيا ۾ موجود وڏن چئلينجن مان بيروزگاري به آهي، ترقي پذير ۽ پٺتي پيل ملڪن جا ماڻهو ان جو خاص طور شڪار ٿي رهيا آهن. جنهن جو وڏو سبب صلاحيتن ۽ فني تعليم جي کوٽ آهي، هي دور ٽيڪنالاجي وارو دور آهي ۽ هن وقت اهي ئي قومون ڪامياب آهن جيڪي وقت جي رفتار سان گڏ اڳتي وڌي رهيون آهن، جن ملڪن جديد دور جي انهن تقاضائن کي وساريو  اهي اڄ معاشي، سماجي بحرانن جو شڪار آهن. جيڪڏهن اسان پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ته ورلڊ بينڪ جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 2010ع  کان بيروزگاري ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. آءِ ايم ايف جي موجوده رپورٽ مطابق 2021ع موجب پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ 1.5 سيڪڙو اضافو ٿيندو، جنهن جو ملڪي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. جڏهن ته عالمي مالياتي ادارن جي انگن اکرن مطابق سال 2021ع ۾ پاڪستان ۾بيروزگار ماڻهن جو انگ 70 لک کان وڌي ويندو، ان جي ابتڙ جيڪڏهن قومن جي تاريخ ۽ ان جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿيندو ته جن قومن تعليم تي خاص ڌيان ڏنو اهي دنيا ۾ جلدي نمايان حيثيت حاصل ڪري پهرين صف ۾ شامل ٿي ويون ۽ خاص طور تي نوجوانن ۾ فني تعليم، تربيت ۽ صلاحيتن کي ترجيحي بنياد تي وڌائڻ وارا ملڪ معاشي ترقي ۾ واڌڪري ترقي پذير مان ترقي يافتا ملڪ بڻجي ويا، مثال طور جاپان، چين، ۽ ڪوريا اهڙن ملڪن ۾ سرفهرسٽ آهن جن جا ماڻهو فني ۽ تڪنيڪي صلاحيتن ۾ ٻين ملڪن کان اڳتي آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اهي ملڪ تڪنيڪي ميدان جي هر شعبي ۾ ڇانيل آهن، تڪنيڪي تعليم کي ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو ضامن قرار ڏنو ويندو آهي، جنهن ملڪ جا ماڻهو هنرمندي جا حامل هوندا، اهي ملڪ معاشي طور تي گهڻا مستحڪم ۽ مضبوط هوندا آهن، جيڪڏهن اسان پنهنجي پياري ملڪ جي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته فني تعليم جي شرح 4 کان 6 سيڪڙو تائين آهي. جڏهن ته ترقي يافتا ملڪن جي فني تعليم جي شرح 66  سيڪڙو تائين پهچي چُڪي آهي ۽ انهن ۾ گهڻائي نوجوانن جي آهي پر پاڪستان جتي جي اڍائي ڪروڙ 17 کان 23 سالن جي نوجوانن جي آهن، فني تعليم جي شرح مشڪل سان 6 سيڪڙو آهي، پاڪستان ۾ هر سال لکن جي تعداد ۾ نوجوان ماسٽرز جي ڊگريون پوريون ڪندا آهن، پر فني تعليم ۽ تربيت جي طرف حڪومت جي بي ڌياني سبب اهي نوجوان ڪو سٺو روزگار حاصل نه ڪري سگهندا آهن، تڪنيڪي هنرمندي ۽ وسيلن جي گھٽتائي سبب ڪجهه نوجوان اهڙا آهن جيڪي مڙئي سڙئي ڪاروبار شروع ڪندا آهن، اهڙن سببن جي ڪري اسان جو نوجوان نسل جيڪو ڪنهن به ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت هوندي آهي، مايوسي، بي همتي جو شڪار ٿي پنهنجي تعليم کان هٽي ڪنهن عام روزگار ڪمائڻ ۾ لڳي ويندا آهن جيڪا تعليم يافتا نوجوانن سان وڏي زيادتي آهي ۽ ملڪ انهن جي جوهرن کان محروم رهجي ويندو آهي. جيڪي انهن نوجوانن جي ڪوششن سان ملي سگهي، موجوده دور ۾ درپيش مسئلن جو بهترين تدارڪ فني تعليم کي وڌائڻ آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته صنعتي شعبي کي تعليمي ادارن سان گڏيو وڃي ۽ صنعتڪارن کي هن ڳالهه جو پابند ڪيو وڃي ته تعليم مان فراغت حاصل ڪندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي تربيت جي غرض سان مخصوس مدي لاءِ پنهنجي صنعت جي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ انهن کي جديد تقاضائن مطابق مڪمل تربيت فراهم ڪئي وڃي. ان سان نه صرف صنعت کي وڌارو ملندو پر ان سان نوجوانن کي قوت به ملندي ۽ نوجوانن کي روزگار جا بيشمار موقعا به ملندا، جنهن سان بيروزگاري جي شرح ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ان سان ملڪ ترقي جي طرف به وڌندو، وڌيڪ ڊپلومه ڪورس، مختصر تيڪنيڪل ڪورس ۽ تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام هر سطح تي تمام ضروري آهي، جنهن سان گھٽ تعليم يافتا نوجوان به مستحڪم ٿي پنهنجي لاءِ بهترين روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهي ٿو. ان سان گڏ حڪومتي سطح تي تڪنيڪي بورڊن جو قيام وقت جي ضرورت آهي ته جيئن موجوده تعليمي نصاب کي جديد دور مطابق تبديل ڪري تعليم جي هر شعبي ۾ تجرباتي تعليم ۽ فني تعليم کي وڌايو وڃي ۽ هر شاگرد کي تعليم جي مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي شعبي ۾ علمي طور تي مڪمل مهارت جو حامل هجي. ڪنهن به ملڪ جو نوجوان طبقو ذهانت، صلاحيت ۽ قوت ۾ معاشري جي باقي طبقن جي نسبت گهڻو اڳتي هوندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جي صلاحيتن کي وقت ۽ صحيح اندازي سان استعمال ڪري ملڪ جي ترقي ۾ نوجوانن جي ڪردار کي يقيني بڻايو وڃي ۽ نوجوان نسل کي موجوده دور جي تقاضائن مطابق جديد تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو