99

ڪورونا جي وڌندڙ لهر ۽ عيد تي احتياط جي ضرورت…

ايڊيٽوريل

سڄي دنيا کي خطرناڪ خوف ۾ مبتلا ڪندڙ، ملڪن جي معيشت، ڪاروبار ۽ عام زندگيءَ کي مفلوج بڻائيندڙ ڪورونا وائرس لکين جانيون کسڻ باوجود ماٺو نه ٿي سگهيو آهي، جيتوڻيڪ دنيا جي ترقي يافتا ملڪن سائنسي ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪورونا وائرس کي ضابطي آڻڻ ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر وائرس کان مڪمل نجات حاصل نه ٿي سگهيو آهي، ڪورونا دنيا ۾ دهشت پکيڙيندڙ پهريون وائرس آهي، جنهن هڪ ئي وقت ننڍي کان وڏي ملڪ تائين تباهي پکيڙي، ڪاروبار ۽ عام زندگي کي ٺپ ڪري ماڻهن کي هڪ ڀيانڪ خوف ۾ مبتلا ڪري گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو، چائنا، اٽلي ۽ ٻين ملڪن ۾ انساني موت جا ڀيانڪ منظر ڏسڻ لاءِ مليا، هن وقت چين سميت ترقي يافتا ملڪن ڪورونا کي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول هيٺ آڻي ورتو آهي، پر ٽئين دنيا جا اسرندڙ ملڪ ۽ بدحال حالتن جو شڪار ملڪ اڃا تائين وائرس مان نڪري نه سگهيا آهن، پاڪستان پڻ اهڙن ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ هن وقت تائين 22 هزار 781 ماڻهو ڪورونا وائرس وگهي موت جي واديءَ ۾ هليا ويا آهن، جڏهن ته هن وقت به 40 هزار کان وڌيڪ فعال ڪيس موجود آهن، ان سان گڏ چوٿين لهر شدت اختيار ڪري رهي آهي، ڪراچي، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ وائرس جي پکيڙ ۾ تيزي اچي رهي آهي، سنڌ حڪومت اسڪول بند ڪرڻ سميت مختلف پابنديون لڳايون آهن پر اڃا سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. حڪومتي هدايتن باوجود سنڌ اندر ايس او پيز جي بدترين ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، مال پڙين ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ، عوام جي بي پناهه رش ۽ انتظامي لاپرواهي وائرس جي خطرناڪ حد تائين پکيڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، اين سي او سي طرفان شهرن اندر مال پڙيون قائم نه ڪرڻ واري حڪم تي پڻ عمل نه ٿي سگهيو آهي، وڏن شهرن جي هر چوڪ تي ننڍيون ننڍيون پڙيون قائم ٿي ويون آهن، جن ۾ خريدارن توڙي وڪرو ڪندڙن جي ويڪسين واري عمل کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، مسافرن گاڏين ۾ ڪورونا سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏيڻ وارو اعلان به صرف اعلان ئي رهجي ويو آهي، ڪوچن، وينن، ٽرينن توڙي ٻين گاڏين ۾ عوام کي بنا ايس او پيز جي سوار ڪرڻ سميت ڪورونا وائرس سرٽيفڪيٽ جي چڪاس واري عمل کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو پيو وڃي، حڪومت ۽ انتظاميا طرفان ان حوالي سان ڪا به سختي نظر نه پئي اچي، ٽرانسپورٽرن توڙي مسافرن کي ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان اسٽاپن تي ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا ويا آهن، ان صورتحال کي سامهون رکندي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عيد الاضحيٰ جي موقعي تي حڪومتي حڪمن ۽ ايس او پيز جي سنگين ڀڇڪڙي ٿيڻي آهي، عيد جي موقعي تي وڏا اجتماع، بازارن ۾ رش، هوٽلن تي پيهه ۽ ٻيا اشو سامهون اچي سگهن  ٿا، پر ان حوالي سان ڪي به قدم نظر نه پيا اچن، جنهن مان ان جو مطلب وائرس کي دعوت ڏيڻ هوندو، ڪورونا وائرس سان حڪومت اڪيلي سر نٿي وڙهي سگهي ان ڪري هر فرد کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي ايس او پيز تي عمل کي يقيني بڻائڻ گهرجي، ڪورونا وائرس کان بچاءَ واري ويڪسين جلد کان جلد لڳرائي وڃي، ٻين کي به اهڙي هدايت ڪئي وڃي، ان سان گڏ حڪومت توڙي مقامي انتظاميا کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي نه ٿئي، ان تي عمل لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو