172

صحت کاتي جي سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪندي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت کاتي جي سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪندي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف سميت ڊي ايڇ اوز ۽ تعلقي ھيلٿ آفيسرن جون بدليون مقرريون نه ٿي سگھنديون، ڊي ايڇ اوز سميت انتظامي پوسٽن تي صحت واري وزير وٽ اماڻيل پروپوزل تي بدليون ۽ مقرريون ٿي سگھنديون، سيڪريٽري صحت لاڳاپيل اختيارين کي بدلين ۽ مقررين جا نوان پروپوزل اماڻڻ کان روڪي ورتو، صحت کاتي موجب ايمرجنسي صورتحال سبب بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو ٿي آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو