182

اوڪاڙه ۾ معذور نينگري سان زيادتي جي ڪوشش، پوليس پاران نينگري جي ماءُ کان ئي رشوت طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوڪاڙه ۾ هڪ معذور نينگري سان جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته جاچ آفيسر معذور نينگري جي ماءُ کان ئي رشوت طلب ڪئي، پي ايم پورٽل تي اهڙي شڪايت جو وزيراعظم نوٽيس ورتو ۽ ڪيس جي فوري جاچ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم جي هدايت تي وزيراعظم جي ڊليوري يونٽ پاران ڊي پي او کي فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي، ڊي پي او اوڪاڙه لاڳاپيل جاچ آفيسر کي معطل ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو