206

عيد جي موقعي تي افغانستان جي سمورن گروپن کان امن، مصالحت ۽ ڳالهين جي اپيل ڪريون ٿا: حافظ طاهر محمود اشرفي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان علماء ڪائونسل جي مرڪزي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته عيد جي موقعي تي اسان افغانستان جي سمورن گروپن کي امن، مصالحت ۽ ڳالهين جي اپيل ڪريون ٿا، پاڪستان الزام تراشيءَ تي يقين نٿو رکي، افغانستان جي سفير جي ڌيءُ اسان جي نياڻي آهي، ان بابت پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت جو مؤقف پوري پاڪستان جو مؤقف آهي. لاهور متحده علماء بورڊ جي آفيس ۾ گذريل ڏينهن مولانا عبدالواهاب روپڙي ۽ ٻين عالمن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته محرم الحرام ۾ امن امان لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي هر سطح تي ڪوششون شروع ڪيون آهن، عيد کانپوءِ سڄي ملڪ جو دؤرو ڪنداسين. متحده علماء بورڊ جي ميمبرن پنجاب جي وڏي وزير جي تعاون سان سڄي صوبي جو دؤرو ڪنداسين ۽ پيغامِ پاڪستان جي ضابطهءِ اخلاق تي عمل ڪرايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو