228

سيد خورشيد شاهه جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻُڌڻي، نيب گواهن جا بيان رڪارڊ

سکر (ويب ڊيسڪ) سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻُڌڻي ٿي. خورشيد شاهه کي اسپتال ۽ سندس پُٽ فرخ شاهه کي جيل مان عدالت آندو ويو. نيب گواهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. رپورٽ مطابق پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ ان جي خاندان سميت 18 ماڻهن خلاف داخل نيب ريفرنس جي ٻُڌڻي ٿي. ريفرنس جي ٻُڌڻي سکر جي احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ڪئي. خورشيد شاهه کي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال مان ايمبولينس تي ۽ سندس پُٽ ايم پي اي سيد فرخ شاهه کي سينٽرل جيل سکر مان بڪتربند گاڏيءَ ۾ عدالت آندو ويو. ٻُڌڻيءَ دوران نيب طرفان ريفرنسز جا گواهه عدالت ۾ پيش ٿيا، جن سان سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين ملزمن جي وڪيلن ڪافي دير تائين جرح ڪئي. جرح جاري هئي ته عدالت ٻُڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻُڌڻيءَ جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. واضح رهي ته سيد خورشيد شاهه، ان جي ٻن گهر وارين، ٻن پُٽن ايم پي اي سيد فرخ شاهه، زيرڪ شاهه، ناٺي اويس قادر شاهه سميت 18 ملزمن خلاف هڪ ارب 24 ڪروڙ کان رپين کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جو الزام آهي، جنهن جو ريفرنس احتساب عدالت سکر ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو