سکر (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پرڏيهي پاليسي، افغان مسئلي سميت ملڪي مسئلن تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس گُهرائڻ جي تجويز ڏني آهي، حڪومت مخالف ڌُر کي اعتماد ۾ وٺي مسئلن جو حل ڪڍي. سکر احتساب عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان جي مسئلي کي اسان جي پاليسي واضح هئڻ گهرجي، پرڏيهي پاليسي پڻ ڪمزور آهي ۽ ان حوالي سان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي معاملن تي بحث ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گُهرايو وڃي ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ مخالف ڌر تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اسان محبِ وطن ۽ رياست جا خيرخواهه آهيون، ڇاڪاڻ ته پاڪستان نه صرف اسان بلڪ اسان جي ٻارن جي سُڃاڻ آهي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته مون خلاف ريفرنس ۾ اهڙا گواهه پيش ڪيا پيا وڃن جو آئون ٻُڌائي نٿو سگهان پر مون تي اڃا تائين ڪجهه به ثابت نه ٿيو آهي، جيڪڏهن الزام ثابت ٿيا ته مان خود ٽي وي تي اچي سياست تان استعيفيٰ ڏيندس، سنڌ ۾ بڻجندڙ پ پ مخالف اتحاد جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته اتحاد بڻجڻ نئين ڳالهه ناهي اهي اتحاد نظرياتي نه صرف اقتدار لاءِ بڻجندا آهن، پ پ کي ان اتحاد مان ڪوبه خطرو ناهي.
