176

صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس 17 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جي تعداد 5737 ٿي وئي جڏهن ته 11794 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1247 نوان ڪيس سامهون آيا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾  چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 17 مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا ۽ فوتين جي تعداد 5737 تائين پهچي وئي جيڪا 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 11794 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1247 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 10.6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هينستائين 4807684 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 358159 ڪيس ظاهر ٿيا، انهن مان 89.7 سيڪڙو يعني 321093 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 493 مريضن پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 31329 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 30233 گهرن ۾، 70 آئسوليشن سينٽرن ۽ 1026 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 952 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 64 مريض وينٽيليٽرز تي آهن. بيان موجب 1247 نون ڪيسن مان 1015 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 443، ڏکڻ 238، سينٽرل 205، ڪورنگي 55، ملير 43 ۽ اولهه 31 شامل آهن. حيدرآباد 59، ٺٽو 20، سانگھڙ، شهيدبينظيرآباد ۽ ٿرپارڪر 16-16، سکر 15، بدين 14، مٽياري ۽ عمرڪوٽ 10-10، دادو 9، نوشهروفيروز ۽ سجاول 8-8، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان 6-6، ڄامشورو 2 ۽ لاڙڪاڻو 1 ڪيس شامل آهن. مراد علي شاهه عوام تي زور ڏنو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو