ليکڪ: گلشن چانڊيو
سوشل ميڊيا دنيا ليول تي خبر پهچائڻ جو هڪ تيز ترين ذريعو بڻجي چڪي آهي، جتي دنيا جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي ۽ ماڻھن کي هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ته اتي سوشل ميڊيا وسيلي مسئلن کي اجاڳر ڪيو وڃي ٿو ۽ ماڻھن سان ٿيندڙ ناانصافين کي سوشل ميڊيا پذيرائي ڏني آهي، جنهن لاءِ مان پنهنجي فيس بڪ تي پوسٽ رکي ته ڇا سوشل ميڊيا پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان وڌيڪ طاقتور آهي؟ جنهن تي مختلف ماڻھن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ انهي سوال کي نظر ۾ رکندي صابر حسين ڪلهوڙو لکيو ته سوشل ميڊيا پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان وڌيڪ طاقتور آهي ڇاڪاڻ ته هر عام ماڻھو پنهنجا خيال ۽ مسئلا سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري سگهي ٿو، ٻئي دوست لکيو ته سوشل ميڊيا هجي يا پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي جيڪي اسان کي ڪرنٽ اشوز جي ڄاڻ ڏين ٿا، سوشل ميڊيا هر ماڻھو کي لکڻ ۽ پنهنجي خيالن جي اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، سوشل ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جنهن سان ماڻھن کي جلدي ڄاڻ ملي ٿي، جيڪڏهن اسان سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال ڪريون ته ان مان لاڀائتا نتيجا حاصل ڪري سگهن ٿا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا به مظلوم ماڻھن جو سگهارو آواز آهن، جيڪي اسانجي معاشري ۾ ٿيندڙ مسئلن جي بيباڪي ۽ بهادري سان نشاندهي ڪن ٿا، تنهنڪري پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو معاشري ۾ تمام گهڻو ڪارائتو ڪردار رهيو آهي، جنهن جي افاديت ۽ اهميت تي ڪو اثر نه پيو آهي، جڏهن ته پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جون خبرون تصديق ٿيل هونديون آهن پر سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڏينهن رات جو فرق هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا تي لکندڙ ماڻھن جو وڏو تعداد گهٽ ڄاڻ هجڻ سبب نفرت انگيز پوسٽون شيئر ڪندا آهن، جن سان نفرتون ڦھلجن ٿيون، جيڪي انتشار ڦھلائين ٿيون، تنهڪري اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي لکندڙ دوست ڪوڙيون خبرون ڦھلائين ٿا، جنهن سان ماڻھو گمراهه ٿين ٿا ۽ غلط خبر کي سرڪيوليٽ ڪرڻ ۽ ڪنهن عزت واري شهري جي عزت تي حملو ڪرڻ هڪ غيرانساني، غيراخلاقي ۽ غير قانوني عمل پڻ آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پروفيشنل صحافي، ليکڪ، دانشور، تجزيانگار، شاعر، اديب، تاريخدان، ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، وڪيل، پروفيسر، سياسي، سماجي، مذھبي اڳواڻ، سوشل ورڪر ۽ هر مڪتب فڪر سان لاڳاپيل ماڻھو سوشل ميڊيا جو سنجيدگي سان استعمال پڻ ڪن ٿا. سوشل ميڊيا جي متعارف ٿيڻ سان عام ماڻھو جي رسائي ٿي آهي، جيڪو فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ پوسٽون پوري دنيا جي ماڻھن تائين تمام تيزي سان پهچي وڃن ٿيون ۽ ايوانن ۾ ويٺل اقتدار ڌڻين تائين خبرون پهچن ٿيون ۽ ڪٿي بيوروڪريسي يا آفيسر شاهي پنهنجون من مستيون ڏيکارين ٿا ته اسان ناانصافي جي خلاف آواز اٿاريون ٿا ۽ اهي خبرون سوشل ميڊيا جي معرفت پوري دنيا ۾ رهندڙ ماڻھن تائين پهچن ٿيون، جنهن جو اختياريون نوٽيس وٺن ٿيون، سوشل ميڊيا اظهار جي آزادي جو هڪ عمل آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيون ٿا ۽ مسئلن جي نشاندهي ڪيون ٿا ۽ سوشل ميڊيا اسانجي زبان ۽ آواز بڻجي چڪي آهي ۽ شايد دنيا جو تيز ترين ۽ طاقتور هٿيار پڻ آهي، جيڪو ايوانن ۽ ادارن ۾ ويٺلن کي جاڳائي ٿو ۽ جهنجهوڙي ٿو، سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا تي لکندڙن وٽ قلم آهي ۽ اهو قلم جنهن سان تحريرون لکجن ٿيون ۽ اهو قلم انقلاب آڻي ٿو، معاشرا تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ قلم تلوار کان وڌيڪ تيز آهي، جنهن جي تحريرن کان گهڻا ماڻھو خوفزده هوندا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي صحافين کي رپورٽنگ ڪندي شهيد ڪيو ٿو وڃي ۽ صحافي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيندا آهن پر صحافت کي عبادت سمجهي انسانيت خاطرآواز بلند ڪندا آهن، توهان اڪثر ڏٺو هوندو ته جڏهن پوليس ڪنهن سان ناانصافي ڪندي آهي يا حق گهرندڙن جي مٿان پوليس ڏمرجي پوندي آهي ته ڳوڙها آڻيندڙ گئس، شيلنگ ۽ لٺبازي جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جي رپورٽنگ اهي بهادر صحافي ڪندا آهن ۽انهن کي ڌمڪيون پڻ ملنديون آھن ۽ ڪيترائي چڪر ڪئميرا پڻ کسيا ويندا آهن ۽ صحافي تشدد جو نشانو بڻجندا آهن پر صحافتي ذميواري ۽ اصول پرستي انهن کي پوئتي ٿيڻ نه ڏيندي آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته بغير ڪنهن تصديق جي اهڙي ڪا به خبر سوشل ميڊيا تي وائرل نه ڪريون جنهن سان ماڻهو گمراهه ٿين يا انهن جو عزت نفس مجروح ٿئي ۽ اسان کي گهرجي ته اسان سوشل ميڊيا جو استعمال صرف ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪريون.