واشنگٽن / اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ڀارت طرفان اسرائيلي سافٽ ويئر ذريعي عمران خان سميت 50 هزار اهم عالمي شخصيتن جا فون هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارت اسرائيل جي جاسوس سافٽ ويئر ذريعي وزيراعظم عمران خان ۽ وزيرن سميت دنيا جي 5هزار اهم شخصيتن جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ انهن جا فون هيڪ ڪيا يا وري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آمريڪي اخبار موجب جاسوسي جي اسرائيلي نظام سان پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي شخصيتن جا فون هيڪ ڪيا ويا.واشنگٽن پوسٽ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جو پراڻو نمبر به هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ڀارت ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي جي فون جي به هيڪنگ ڪئي وئي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۽ ٻين خابرو ادارن جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اسرائيلي ڪمپني جي جاسوسي جي سافٽ ويئر ذريعي سڄي دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ماڻهن جي جاسوسي ڪئي وئي، جڏهن ته جاسوسي جو دائرو گهٽ ۾ گهٽ 50 ملڪن تائين پکڙيل هو. اخباري رپورٽ موجب جاسوسي دوران جن ماڻهن جي موبائل فونز کي هيڪ ڪيو ويو، انهن ۾ عرب ملڪن ۾ شاهي خاندانن جا ماڻهو، مختلف ملڪن جا سربراهه، وزير، مشهور ڪاروباري شخصيتون، انساني حقن جا ڪارڪن ۽ استنبول ۾ قتل ڪيل سعودي صحافي جمال خاشقجي جون 2 ويجهيون عورتون به شامل آهن. ان کان علاوه ڀارت جي اخبار هندستان ٽائمز، دي هندو، انڊين ايڪسپريس ۽ دي وائر جي ايڊيٽرن، ڀارت جي سائنسدانن، انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ 40 کان وڌيڪ صحافين جي 37 اسمارٽ فونز کان علاوه 300 فون نمبرن جي پڻ اسرائيلي سافٽ ويئر ذريعي جاسوسي ڪئي وئي. ٻي پاسي پاڪستاني ذريعن موجب ڀارت اسرائيلي ڪمپني جي سافٽ ويئر ”پيگاسس“ ذريعي وزيراعظم عمران خان ۽ڪابينا ميمبرن جون فون ڪالز ۽ ميسيج رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي جاسوسي واري ان معاملي تي اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ وزيرن سميت سرڪاري آفيسرن لاءِ واٽس ايپ جهڙي نئين ايپليڪيشن آڻڻ تي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب حڪومت طرفان ان معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، ڀارت طرفان ٿيندڙ جاسوسي جي معاملي بابت حڪمت عملي طئي ڪئي پئي وڃي ۽ ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هوڏانهن اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڏري چيو آهي ته مودي حڪومت جي پاليسيءَ سان خطي جي امن کي وڏا خطرا ٿي پيا آهن، سياسي مخالفن، صحافين ۽ ٻين شخصيتن جا فون ٽيپ ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي.
