ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) پوري ملڪ ۾ عيد جي موقعي تي عوام ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪيو، جنهن ڪري ڪيسن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي. سنڌ ۾سومر کان تعليمي ادارا، شادي هال ۽ درگاهون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه ويڪسين نه ڪرائيندڙن جون موبائل سم بند ڪرڻ جو پڻ فيصلو ٿيو آهي. پوري ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وگهي فوت ٿيلن جو انگ 10 لک 34 ۽ متاثر ٿيلن جو انگ 22 هزار 939 ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز کي نظر ۾ رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر پابنديون هڻي ڇڏيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز کي نظر ۾ رکندي اهم فيصلا ڪيا ويا. وڏي وزير جي ترجمان موجب ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ سومر کان شادي هالز ۽ ٻين تقريبن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هفتي ۾ 2 ڏينهن مارڪيٽون به بند رکيون وينديون. جنهن جي لاءِ جمع ۽ آچر جي ڏينهن کي محفوظ قرار ڏنو ويو آهي. ترجمان ٻڌايو ته سومر کان شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽون صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رهنديون. ڪريانا، بيڪري ۽ دوائن جا اسٽور کليل رهندا. جڏهن ته صوبي ۾ درگاهون به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس ۾ انڊور ۽ آئوٽ ڊور سروس بند رهندي، رڳو کاڌو وٺي وڃي سگهبو. ترجمان چيو ته پوري صوبي ۾ سومر کان تعليمي ادارا به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر سنڌ ۾ امتحان پنهنجي شيڊول موجب ٿيندا. جڏهن ته سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف ڊيوٽي تي گهرائي سگهبو. ترجمان موجب انهن سمورن فيصلن تي سومر کان عمل ڪرايو ويندو. ٻي پاسي سنڌ حڪومت اين سي او سي ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ ويڪسين نه ڪرائيندڙن جون موبائل فون سمز بلاڪ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب به موبائل سمز بلاڪ ڪرڻ واري فيصلي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اين سي او سي کي سنڌ حڪومت جو فيصلو ڪميونيڪيٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو هڪ هفتي جي دوران ويڪسين نه ڪرائين انهن جي موبائل سم بلاڪ ڪئي وڃي. جڏهن ته ايندڙ مهيني کان جنهن ويڪسين ناهي ڪرائي انهن سرڪاري ملازمن جون پگهارون روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. ٻي پاسي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ اندر هڪ هزار 425 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. جڏهن ته وڌيڪ 11 مريض فوت پڻ ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 22 هزار 939 ۽ متاثر ٿيلن جو انگ 10 لک 34 ٿي ويو آهي. پوري ملڪ ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي شرح 5.56 سيۡڪرو رهي. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ شرح وڌي وئي آهي، ڪراچيءَ ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي شرح 23.7 ۽ حيدرآباد ۾ 8.46 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
185