196

نواز شريف ملڪيت لڪائڻ لاءِ مودي جو سهارو ورتو، ڪشميرين بابت ريفرنڊم ڪرائينداسين: عمران خان

ڪوٽلي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته  نواز شريف پرڏيهه ۾ ملڪيت لڪائڻ لاءِ مودي جو سهارو ورتو ،  مخالف ڌر دعوت باوجود سڌارن تي ڳالهين لاءِ نه ٿي اچي. منهنجي حڪومت هڪ ٻيو ريفرنڊم ڪرائيندي جنهن ۾ ڪشميري فيصلو ڪنداسين ته هنن کي پاڪستان سان گڏ رهڻو آهي يا آزاد؟  اهڙو اظهار هن جمع ڏينهن ڪوٽلي ۾ پي ٽي آءِ جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.  عمرانخان وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي ووٽ ذريعي پنهنجي قسمت بدلائڻي آهي، اميد آهي ته 25 جولاءِ تي آزاد ڪشمير ۾ به وڏي تبديلي ايندي، والاريل ڪشمير جي آزادي جو ڪيس هر عالمي فورم تي وڙهندو رهندس، والاريل واديءَ جا مظلوم ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ظلمن جو شڪار آهن، ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق گڏيل قومن ڏنو آهي، والاريل واديءَ ۽ آزاد ڪشمير جي عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندو، ڪشمير جي جدوجهد زمين جي لاءِ نه پر انساني حقن جي لاءِ آهي، ڀارت گهڻي عرصي تائين ڪشميري عوام جي حريت جي جذبي آڏو بيهي نه سگهندو، نواز شريف پرڏيهه ۾ پنهنجي ملڪيت لڪائڻ لاءِ مودي جو سهارو ورتو. وزيراعظم چيو ته شاندار استقبال تي ڪوٽلي جي عوام جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم عمران خان چيو ته هن چيو ته هڪ ڏينهن ايندو ۽ ريفرنڊم ٿيندو ۽ توهان فيصلو ڪندا ته هندوستان نه پاڪستان سان گڏ رهڻ چاهيون ٿا، ان کان پوءِ منهنجي حڪومت هڪ ٻيو ريفرنڊم ڪرائيندي جنهن ۾ ڪشمير جي ماڻهن کان پڇنداسين ته پاڪستان سان رهڻ چاهيو ٿا يا آزاد رهڻ چاهيو ٿا؟ سندس چوڻ هو ته جنهن قوم آزادي جي لاءِ قرباني ڏني ان کي حق ملڻ گهرجي، هڪ ڏينهن ايندو، توهان کي موقعو ملندو، توهان پاڻ فيصلو ڪندا.  (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کان پڇان ٿو ته انهن ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا، ٻئي سياسي پارٽيون ٻڌائي سگهن ٿيون ته انهن ڪشميري عوام جو ڪيس وڙهيو، ڀارت ڪڏهن به مسلمانن ۽ ٻين اقيلتن کي برابر جو شهري نه سمجهيو، ڀارت ۾ هن وقت آر ايس ايس نظرين جا حامي اقتدار ۾ آهن. هن چيو ته نواز شريف کان پڇان ٿو ته ان ڪيترا ڀيرا آر ايس ايس جي ساڙيلي سوچ کي پڌرو ڪيو؟ ڪشميرين تي ظلم ڪندڙ مودي کي نواز شريف پنهنجي ڏُهٽيءَ جي شادي تي گهرايو، پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري انڪشاف ڪيو ته نواز شريف کيس ڀارت تي تنقيد کان روڪيو هو. وزيراعظم چيو ته جن ڪرپٽ سياستدانن جو پئسو مل کان ٻاهر هوندو آهي انهن کي ٻيا ملڪ ڪنٽرول ڪندا آهن، اولهه طاقتن پيپلزپارٽي ۽ جنرل مشرف جي وچ ۾ معاهدو ڪرايو هو، اسان عدليه جي آزادي جي جدوجهد ۾ مصروف هئاسين، ٻئي طرف پيپلزپارٽي ڳجهي طور تي اقتدار جي لاءِ معاهدا ڪري رهي هئي. هن چيو ته نواز شريف پرڏيهه ۾ پنهنجي ملڪيت لڪائڻ جي لاءِ مودي جو سهارو ورتو. وزيراعظم عمران خان چيو ته آمريڪا پاڪستان جي اڳوڻن حڪمرانن جي رضامندي سان پاڪستان ۾ ڊرون حملا ڪندو هو. عمران خان وڌيڪ چيو ته اليڪشن سڌارن تي وزير اعظم جو چوڻ هو ته اليڪشن ۾ سڌارن جي لاءِ هڪ سال کان اپوزيشن کي دعوت ڏئي رهيا آهيون پر اليڪشن سڌارن جي لاءِ ڪير به نه ٿو اچي، اسان مخالف ڌر کي اليڪٽرونڪ ووٽنگ جي تجويز ڏني. هن وڌيڪ چيو ته اسان هڪ سال کان لڳا پيا آهيون پر مخالف ڌر ڳالهه نه ٻڌي، جڏهن اليڪشن ٿيندي ته چوندا ڌانڌلي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ احساس ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن ذريعي رڪارڊ فنڊز رکيا آهن، ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت هر غريب خاندان جي هڪ شخص کي بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو، پروگرام تحت مستحق خاندان جي هڪ شخص کي فني تربيت ڏني ويندي، هر غريب خاندان جي سربراهه کي صحت جي مفت بيمي جي سهولت پڻ ملندي. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام هيٺ مستحق خاندانن کي ضرورت جي شين تي سبسڊي ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي ووٽ جي ذريعي پنهنجي قسمت بدلائڻي آهي، والاريل ڪشمير جي آزادي جو ڪيس هر عالمي فورم تي وڙهندو رهندس، اميد آهي ته 25 جولاءِ تي آزاد ڪشمير ۾ پڻ تبديلي اچي. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ (ن) ليگ جي حڪومت آهي، انتظاميا ۽ اليڪشن ڪميشن انهن جي ماتحت آهي، ڪا نگران حڪومت به نه آهي، ان جي باوجود ڌانڌلي جو گوڙ ڪيو پيو وڃي. آزاد ڪشمير ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته والاريل واديءَ جا مظلوم ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ظلمن جو شڪار آهن، ڪشميري عوام خودمختياري جو پيدائشي حق گڏيل قومن ڏنو آهي، والاريل واديءَ ۽ آزاد ڪشمير جو عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندو، ڪشميرين جي جدوجهد زمين جي لاءِ نه پر انساني حقن جي لاءِ آهي، ڀارت گهڻي عرصي تائين ڪشميري عوام جي حريت جي جذبي آڏو نه ٿو بيهي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو