97

پاڪستان گڏيل قومن کان ڀارت طرفان عمران خان جي جاسوسي ڪرڻ جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پاڪستان ڀارت طرفان وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين شخصيتن جي رياستي سرپرستي ۾ وسيع پيماني تي نگراني ۽ جاسوسي وارين ڪارروائين جي سخت لفظن ۾ مذمت/ ڪندي گڏيل قومن کان ان معاملي جي جانچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. جمع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عالمي ميڊيا جي اسرائيلي اسپائي ويئر پيگاسس جي استعمال ۽ جاسوسي جي باري ۾ رپورٽ ڏٺي آهي. وزيراعظم عمران خان، شهرين ۽ پرڏيهين جي جاسوسي انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل  آهي. ترجمان چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڇڪڙين کي لڪائڻ ۽ پاڪستان خلاف غلط اطلاع پکيڙڻ لاءِ جاسوسي، آر ايس ايس ۽ بي جي پي حڪومت جو پراڻو طرز عمل آهي. ترجمان چيو ته ڀارت بابت سمورن انڪشافن جي ويجهڙائي کان جائزو وٺي رهيا آهيون. ڀارتي زيادتين تي عالمي پليٽ فارمن جو ڌيان ڇڪرائبو. ترجمان چيو ته دنيا هٿ ٺوڪي ڀارتي جمهوريت جي اصل چهري کان واقف ٿي وئي آهي. ڀارتي جمهوريت جي اصليت انڊين ڪرانيڪل، يورپي يونين ڊس انفوليب آهي. ترجمان زاهد حفيظ چوڌري گڏيل قومن جو ادارو جاسوسي واري ان معاملي جي مڪمل جانچ ڪري حقيقتن کي پڌرو ڪري ۽ ڀارتي ڏوهن جو احتساب ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو