226

لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن تي افغانين جو حملو، ڪيترن ئي پاڪستانين کي مارڪٽ

لنڊن ( م ڊ ) لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن تي افغانين جو حملو ڪري ڪيترن ئي پاڪستانين کي سخت مارڪٽ پڻ ڪئي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جمع ڏينهن ڪيترن ئي افغانين پاڪستاني هاءِ ڪميشن ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري پاڪستان خلاف نعرا هنيا، ان دوران افغانين هاءِ ڪميشن ٻاهران وڳوڙ ڪندي اتي پهتل ڪيترن ئي پاڪستانين سان اٽڪي کين مارڪٽ ڪئي. افغانين اتي ڪوريج لاءِ پهتل پاڪستاني ٽي وي چئنل جي رپورٽر ۽ ڪئميرامئن کي پڻ مارڪٽ ڪري ڪئميرا ۽ ريڪارڊنگ وارو ٻيو سامان پڻ ڀڃي ڇڏيو.  واقعي واري هنڌ پوليس پهچي افغانين کي ڀڄايو، سڳئي وقت  افغانين جي هڪ ٻي ٽولي قطر جي سفارتخاني ٻاهران پڻ احتجاجي مظاهرو ڪيو .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو