123

ڪٺ پتلي کي ڪشمير وڪڻڻ نه ڏينداسين، ڪشمير جا فيصلا اتان عوام ئي ڪندو: بلاول ڀٽو

باغ(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺ پتلي کي ڪشمير وڪڻڻ نه ڏينداسين، ڪشمير جا فيصلا اتان عوام ئي ڪندو. اهڙو اظهار هن آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيوته ڪشميرين سان ووٽ جو نه پر قربانين جو رشتو آهي، اسان جو تعلق ڪا سليڪٽڊ پارٽي نٿي ٽوڙي سگهي. هن چيو ته وزير اعظم ۽ مريم نواز جلسا ڪلري هليا ويندا آهن، پر پيپلز پارٽي هميشه ڪشميرين لاءِ آواز اٿاريندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته  ڪٺ پتلي جڏهن به ڪشمير جو ذڪر ڪندو آهي غلطي ڪندو آهي، ڪشميري فيصلو ڪن ته هنن کي عوامي وزير اعظم گهرجي يا ڪنهن ڪٺ پتلي جو ڪٺ پتلي وزير اعظم گهرجي؟ بلاو ل ڀٽو وڌيڪ چيو ته اڄ ملڪ جي بدقسمتي آهي جو اسان جو وزير اعظم سليڪٽڊ، هٿ ٺوڪيو ۽ نااهل آهي، جڏهن هي ڳالهائيندو آهي ته ماڻهو مذاق اڏائيندا آهن، مودي آيو ته مون چيو ته ان مان خير جي اميد نه رکو پر ان وقت جي مودي جي يارن منهنجي ڳالهه نه مڃي. هاڻ جيڪو وزير اعظم آهي اُهو هن کان به خراب آهي، هي پاڪستان جو وزير اعظم هوندي به مودي سان دعا سلام ڪندو آهي، ڪنهن هٿ ڪٺ پتلي کي ڪشمير وڪڻڻ نه ڏينداسين، ڪشمير جا فيصلا ڪشميري عوام ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو