حيدرآباد (رپورٽ: نصير احمد چنا) لطيف آباد ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو، ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب 7 ڄڻا سڙي فوت، 4 حيسڪو ملازمن سميت 15 زخمي، وارثن جو ماتم، ڪيس داخل، ان سلسلي ۾ لطيف آباد يونٽ نمبر جي 8 خواجا ڪالوني ۾ مسجد وٽ ٽرانسفارمر کي مرمت بعد ٻيهر هلايو ويو ته ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن ڪري باهه ٽرانسفامر کي وڪوڙي وئي ۽ ٽرانسفارمر جو ٽهڪندڙ تيل شهرين مٿان ڪري پيو، 4 حيسڪو ملازمن سميت 22 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون پهتيون، جن زخمين کي کڻائي سول اسپتال ۽ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو، جتي علاج دوران 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ شجاعت، تابش، وقاص، سجاد، نعمان، نديم ۽ فيصل شامل آهن، فوتين مان 5 ڄڻن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جنازي نماز لطيف آباد جي اڪبري گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سوين شهرين شرڪت ڪئي، فوتي جا لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، هر اک آلي نظر آئي، جنهن بعد مڙهه اباڻن قبرستانن ۾ دفنايا ويا، هوڏانهن لطيف آباد جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ٽرانسفارمر ڦاٽڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ 322/427 ppc جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف فوتين جي وارثن ۽ علائقي واسين دانهيندي چيوته حيسڪو جي نااهلي سبب انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، سڄي غفلت حيسڪو وارن جي آهي، جيڪڏهن پهريان قدم کنيا وڃن ها ته اسان جي جگر جا ٽڪرا جدا نه ٿين ها، هنن چيو ته حيسڪو عملدارن نااهلي جي انتها ڪئي، ڪنهن کي به پرواهه ناهي، اسان جي جگر جا ٽڪرا جدا ٿي ويا آهن، خواجا ڪالوني ۾ لڳايل ٽرانسفارمر مان آئل ليڪ ٿيندو رهيو، شڪايتن باوجود حيسڪو عملدارن ڪن لاٽار ڪئي، ان کان اڳ به اسلام آباد واري علائقي۾ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ھئا.
حيدرآباد: لاپرواهي ڪرڻ تي ايس ڊي او، ايل ايس ۽ 2 لائين مينن کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ حيسڪو چيف ۽ ايس ايس پي پاران ڌار ڌار ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ ٽرانسفارمر واقعي جي جاچ لاءِ ايس پي هيڊڪوارٽر جي سربراهي ۾ 6 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ايس پي هيڊ ڪوارٽر انيل حيدر منهاس ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي سي آءِ اي غلام عباس گدي، ڊي ايس لطيف آباد پي مسعود اقبال، ايس ايڇ او اي سيڪشن عمران رشيد، ايس ايڇ او حسين آباد آغا اسد پٺاڻ ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جو اي ايس آءِ آصف ڪاشف خان ميمبر هوندا، ٻئي طرف حيسڪو چيف ريحان حامد پاران به جي ايم حيسڪو جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪنوينر ڪميٽي جي ايم آپريشن عبدالاحد، ميمبر چيف انجنيئر منظور حسين سومرو، اي سي ون اعجاز چنا، ڊائريڪٽر ايس اين آءِ اعجاز شيخ شامل آهن، جاچ ڪميٽي 24ڪلاڪن اندر رپورٽ حيسڪو چيف وٽ پيش ڪندي.