217

فضل الرحمان جو پٽ پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪري پيو، پيپلز پارٽي خلاف سازشون ناڪام ٿينديون : ناصر شاهه

سکر  ( ڊ ر) صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن جي برسات سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو جيڪو اڪثر علائقن مان نيڪال ڪيو ويو آهي. ميونسپل ڪارپوريشن، پبلڪ هيلٿ ۽ ٻيا لاڳاپيل اداره پنهنجو ڪم وڌيڪ بهتر ڪن فنڊز، مشنري، ايڪوپمنٽس جي گهرج آهي اها سنڌ حڪومت فراهم ڪندي ٻيهر ڪوتاهي ڪرڻ وارن کي بخش نه ڪيو ويندو. ڊي سي آفيس سکر ۾ برسات سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي ٻيهڻ واري صورتحال تي طلب ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اڳ ۾ برسات سبب سڄي سکر ۾ پاڻي جي شڪايت هوندي هئي. سنڌ حڪومت پاران پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ويون ۽ هاڻي برسات ۾ اها صورتحال ڪونهي جيڪا اڳ ۾ ٿيندي هئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر جاويد احمد، ايڊمنسٽريٽر علي رضا انصاري، ڊائريڪٽر انفارميشن سکر ڊويزن جهانگير ابڙو، سيپڪو چيف سکر، پبلڪ هيلٿ جي انجينئرن سميت ٻيا لاڳاپيل ادارن جا آفيسر موجود هئا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سکر شهر جي آبادي مسلسل وڌي رهي آهي مسئلا جلد حل ڪيا ويندا سکر ۽ روهڙي ۾ ڊرنيج پمپنگ اسٽيشنن ۾ موٽرن جو انگ وڌايو پيو وڃي ته جيئن شهرين کي مشڪلاتن مان ڪڍيو وڃي. سنڌ حڪومت پاران ڏنل ترقياتي اسڪيمن سان بهتري آئي آهي وڌيڪ بهتري ڪرڻ جي لاءِ اپائن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڊي سي سکر جي اڳواڻي ۾ سمورن مسئلن تي ميونسپل، پبلڪ هيلٿ ۽ سيپڪو تي جوڙيل ڪاميٽي پنهنجي سفارشات فراهم ڪندي جنهن جلد کان جلد عمل ڪندي گهربل فنڊز، مشنري ۽ ٻيو سامان سنڌ حڪومت فراهم ڪندي نيون اسڪيمون جلد شروع ٿينديون ته جيئن وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي. سيد ناصر حسين شاهه گڏجاڻي دوران سيپڪو، ميونسپل پبلڪ هيلٿ ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پاڻ ۾ رابطو بهتر ڪندي شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پيشه وارانه ذّميواريون ادا ڪن.  سکر جا ڪجهه علائقن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ هو پاڻ ذاتي طور تي ٽن ڏينهن تائين سکر ۾ برسات دوران ۽ پوءِ دورو ڪندو رهيو جلد سمورا مسئلا حل ٿيندا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي آزادي صحافت تي يقين رکي ٿي جنهن لاءِ صحافين جي پروٽيڪشن بل ۽ پيپلزميڊيا سپورٽ پروگرام سنڌ حڪومت جي دلچسپي ۽ ڪارنامو آهي. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق وڏو وزير سيد مراد علي شاهه مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙي رهيو آهي سنڌ حڪومت پاران  صوبي جي عوام لاء تعليم، صحت تي خاص ڌان ڏنو ويو آهي جنهن سان صوبي جي عوام کي فائدو ملي رهيو آهي جيڪا ڳالهه عوام ڪري ٿي. سنڌ صوبي ۾ سنڌ حڪومت تعليم ٿي خاص ڌيان ڏنو ۽ هاڻي سکر ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون ٺهي چيڪون آهن هاڻ اسان سکر کي ايجوڪيشن سٽي طور سڃاڻو ٿا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سالڊ ويسٽ مينجمنٽ وارو نظّام جلد لاڳو ڪندي جنهن سان پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته صوبي ۾ ترقياتي اسڪيمن تي جتي 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي ان لاءِ 30 سيڪڙو وڌيڪ ڪم لاءِ فنڊز جاري ڪيا ويا آهن ته جيئن اسڪيم مڪمل ٿي عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ٿئ. ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه امن و امان واري صورتحال بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي هدايتون ڏنيون آهن ۽ هاڻي سنڌ صوبي ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي جيڪا اڳ ۾ حالات هئا ان ۾ تبديلي آئي آهي. سيد ناصر حسين شاهه ڪووڊ 19 بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته هي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق ڪووڊ جي شروعات ۾ سنڌ حڪومت پاران وينٽيليٽرز، ايمرجنسي سينٽرز قائم ڪيا ۽ ڪووڊ تي ڪنٽرول ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي سڀنين جي سامونهن آهي هاڻي جيڪا لهر آئي آهي اها خطرناڪ آهي ان لاءِ سنڌ واسين کي احتياط ڪرڻ سان گڏ ڪووڊ بابت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي سنڌ حڪومت شروعات ۾ جيڪا قدم کنيا انهن کي ساراهيو ويو ۽ سنڌ حڪومت جي اها پهرين ترجيح آهي ته صوبي جي عوام جي زندگين جي حفاظت ڪجي سيد ناصر حسين شاهه اپيل ڪئي ته سمورا صوبي واسي ويڪسين ڪرائن ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪابينه ۾ اها ڳالهه رکي وئي ته بنا ميرٽ جي گرفتاري نه ٿيڻ گهرجي ايف آءِ ار درج ٿيڻ سان گرفتاري بابت جيڪو سنڌ حڪومت قدم کنيو آهي هن سان ڪنهن کي به اعتراض نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهو هر ماڻهو جي مفاد ۾ هوندو ان لاءِ اڃا تجويز آئي آهي ان لاءِ قانوني پيچيدگين کي ڏسي ۽ قانون مطابق ڪ قدم کنيو ويندو جيڪو جرم ڪندي اهو گرفتار به ٿيندو جيڪڏهن اهو بل نافذ العمل ٿي ويو ته ٻيا صوبه به ان قانون سازي تحت قانون سازي ڪري فائدو وٺندا. اهو قانون پيپلزپارٽي جي جمهوريت پسندي جي هڪ ڪڙي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جو گورنر  سنڌ جو آهي ۽ جڏهن وفاق سنڌ کي فنڊز نه ڏيندو آهي، جڏهن پاڻي جي کوٽ ٿيندي آهي ان تي گورنر سنڌ نه ڳالهيندو آهي گورنر سنڌ کي صوبي ۾ ان لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ته هو سنڌ جا مسئلا ۽ ٻيا معاملا وفاقي حڪومت آڏو پيش ڪري اڃائي تنقيد ان جي عهدي تي نٿي ٺهي گورنر سنڌ صوبائي حڪومت جي ڇا مدد ڪري رهيو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته گورنر پنهنجي آئيني ذميواريون ادا ڪري ۽ سنڌ جي مسئلن بابت وفاق کي آگاهه ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرادري جي هدايتن تحت سنڌ حڪومت پاران ميڊيا هائوسسز کي رهتن جي ادائيگيون ڪيون ويون آهن پوءِ به ميڊيا هائوسسز پنهنجي ملازمن کي پگهار نٿا ڏين ان لاءِ ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي آزدي صحافت تي يقين رکي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪشمير ۾ ن ليگ جي حڪومت رهي آهي هنن ڪهڙو ڪم ڪيو آهي ڪشميرين لاءِ تنقيد ڪرڻ علاوه ڪم ڪرڻ گهرجي ها، ٽن سالن ۾ وفاق عوام جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي غريب ماڻهو مهنگائي جي چڪي ۾ پهجي ويا آهن سنڌ حڪومت صوبي ۾ جيڪا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن اهي پاڻ ڳالهائي رهيا آهن جتي به اسپتالن جي حالت خراب آهي انهن کي صحيح ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت مصروف آهي جلد اسپتال ۾ سموريون سهولتون نظر اينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلزپارٽي خلاف اڳ ۾ به اتحاد ٺهندا رهيا پر پيپلزپارٽي کي ان سان ڪو به فرق نٿو پئي هينئر اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا ۽ اپوزيشن جي اتحادين جي ضمانتون رد ٿي ويون بدين ۽ ٻين علائقن ۾ به پهلوانن پنهنجو حشر ڏٺو پيپلزپارٽي عوامي خدمت ۾ رڌل آهي جنهن جو نتيجو اهو آهي ته پيپلزپارٽي جا اميدوار ميدان ماري ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو