ڏهرڪي (ن سوڀ) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ دودو ڏهر ۾ زمين جي مالڪي تان ڏهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو جنهن بعد گذريل ڏينهن ٿيل ٻيهر جهيڙي جي نتيجي ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران گوليون ۽ لٺيون لڳڻ سبب ٽن عورتن مائي حليمان ڏهر ،مائي نسيمه،مائي شميم ڏهر، نديم ڏهر، انور ڏهر، رياض، لياقت، حليم، شهزادو ڏهر،نهال ڏهر سميت ٻنهي ڏرين 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن بعد اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورتن ۽ مردن کي کڻائي علاج لاءِ اسپتال پهچايو جنهن بعد زخمن جا سور نه سهندي مائي حميده زال نهال ڏهر فوت ٿي وئي جڏهن ته انور علي ۽ حليم جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين رحيم يار خان اسپتال نيو ويو آهي. ان موقعي فوتي عورت جي وارثن حقنواز ڏهر ٻڌايو ته زمين جي مالڪي تان نديم ڏهر وارن جي ڌر اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب اسان جي هڪ عورت مائي حميدان ڏهر قتل ٿيڻ سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته ٻي ڌر جي زخمي نديم ڏهر ٻڌايو ته اسان جو حق نواز ۽ نهال ڏهر وارن سان زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان هنن اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ اسان جي ڌر جا ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن هوڏانهن ڏهرڪي پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري ڇڏي آهي آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي
