ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ڪشمير جو سفير بنجڻ بجاءِ ڪلبهوشن جو وڪيل بڻجي ويو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي کان علاوه آزاد ڪشمير ۾ ڪابه سياسي پارٽي نه آهي ۽ آزاد ڪشمير چونڊن کي عام طور تي فري اينڊ فيئر چونڊون نٿو چئي سگهجي، بلاول ڀٽو چيو ته اليڪشن ڪميشن ان اميدوار کي نااهل نه ڪيو ته چونڊون تڪراري ٿينديون، هن چيو ته وفاقي وزير کي اليڪشن ڪميشن طرفان نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن ان وزير جو استقبال ڪيو.عمران خان جي حڪومت ڌانڌلي جي ڪري بڻجي ۽ اها خبر نه هئي ته هي کلي عام ڌانڌلي ڪندا، هن چيو ته عمران خان جو آخري ڏينهن ۾ ڪشمير وڃڻ اليڪشن ڪميشن جي منهن تي چماٽ آهي، اليڪشن ڪميشن ڪارروائي نه ڪئي ته مون سميت ڪير به اهو نه مڃيندو ته چونڊون صاف شفاف ٿيون آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڪشمير تي حملو ٿيو ته وزيراعظم اسيمبلي ۾ بيهي چيو ته مان ڇا ڪريان، وزيراعظم چيو هو ته اسان هر جمعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين پر اهو واعدو صرف هڪ جمعي تائين هليو، هن چيو ته عمران خان چيو هو ته مان ڪشمير جو سفير بڻجندس پر هو ته ڪلبهوشن جو وڪيل بڻجي ويو. عمران خان جي منافقت، ڪوڙ ۽ يوٽرن کان سڀ چڱي ريت واقف آهن.
190