131

ڪراچي: اسٽيل ٽائون پوليس هٿان ڦر جي وارداتن ۾ ملوث جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي  (ويب ڊيسڪ) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي فلٽر پلانٽ جي ڀرسان ڪارروائي ڪري 50 کان وڌيڪ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث جوابدار رمضان عرف رمضو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جنهن جي قبضي مان ڦر ڪيل هڪ  موٽر سائيڪل ، موبائيل فون ۽ هڪ پستول هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار علائقي ۾ خوف جي علامت بڻيل هو ۽ ڦر جي وارداتن دوران شهرين کي گولي هڻي زخمي ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو هو پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي 50 کان وڌيڪ وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي جڏهن ته ان جي ٻين ساٿين جي گرفتارين جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو