سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي دوران بانڊي پوره ضلعي ۾ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق فوجين نوجوانن کي ضلعي جي علائقي سملر ۾ تلاشي ۽ گهيراءَ جي هڪ ڪارروائي دوران شهيد ڪيو.
