211

ريل گاڏين جي وقت تي روانگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: ريلوي ترجمان

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ)  ريلوي جي ترجمان چيو آهي ته ريل گاڏين جي وقت تي روانگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ترجمان مطابق پنجاب ۽ سنڌ ۾ تازين برساتن سبب ريل گاڏين جي اچ وڃ جو شيڊيول متاثر رهيو. پاڪستان ريلوي جي ڪوششن سبب ريل گاڏين جي وقت تي روانگي کي بهتر بڻايو ويو آهي جنهن سبب اڄ 75 سيڪڙو ريل گاڏيون پنهنجي مقرر وقت تي هلي رهيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو