لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيوآهي ته آچر ڏينهن شام جو لال حويلي مان تحريڪ انصاف جي سوڀ جو اعلان ڪندس ۽ پوءِ قوم اپوزيشن جون دانهون ٻڌندي، جڏهن ته ڪشمير ۾ پيپلز پارٽيءَ کي مسلم ليگ ن کان وڌيڪ سيٽون ملنديون. هن چيو ته ڪشمير ۾ سڀني کي هڪ زبان ٿيڻ گهرجي ها، سڄي قوم کي ڪشمير جي آزادي لاءِ هڪ ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهي ۽ عمران خان ڪشمير جو ڪيس دنيا ۾ اجاگر ڪندو. هن چيو ته داسو ڊيم تي جلد ڪم شروع ٿيندو، داسو ۽ ڀاشا ڊيم ملڪ جي معيشت جي تقدير مَٽائي ڇڏيندا، چين سان پاڪستان جي دوستي لازوال آهي.
