120

ڀارت خطي جو امن خراب ڪري پيو افغانستان کي اسان خلاف دهشتگردي جو ڳڙهه بڻايو: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته ڀارت افغانستان کي اسان جي خلاف دهشتگردي جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو آهي،  هڪ ڀارتي صحافي کي انٽريو ڏيندي هن چيو ته خطي ۾ امن کي خراب ڪرڻ جي لاءِ تخريبڪاري جا ثبوت موجود آهن، جيستائين ڀارت ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قرارداد  مطابق حل ڪرڻ لاءِ تيار نٿو ٿي تيستائين ڳالهيون نه ٿي سگهنديون، هن چيو ته ڀارت کي واضع ڪري ڇڏيو آهي هر پاڪستاني آخري وقت تائين ڪشمرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ گڏ بيٺل رهندو،جيستائين واريل ڪشمير ۾ هڪ طرفو ۽ جارحاڻو قدم واپس نه ورتو ويندو تيستائين ڳالهيون ناممڪن آهن .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو