169

سنڌ ۾ 21 مريض فوت، سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيون 31 جولاءِ تائين بند

 اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 32 ڄڻا فوت 1841 نوان ڪيس ظاهر سنڌ ۾ سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيون 31 جولاءِ تائين بند ڪيون آهن، نوٽيفڪيشن پڻ  جاري ڪيو ويو آهي،ڪورونا ٽاسڪ فورس جي فيصلي کانپوءِ سنڌ ۾ يونيورسٽيون بند ڪرڻ  جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،  سنڌ حڪومت اسڪول اڳ ۾ ئي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ڪاروباري سرگرمين جي به شام 6 وڳي تائين اجازت ڏني وئي آهي، هوڏانهن اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته خطي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا سبب موت جي شرع گهٽ پر خطرو اڃا تائين برقرار آهي، ايس او پيز تي عمل ڪيو ۽ ويڪسين لڳرايو،ٻئي طرف  پنجاب حڪومت 5 ضلعن ۾ گهر گهر وڃي ڪورونا ويڪسن لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو 1800 موبائل ٽيمون قائم ڪيون ويون آهن،ٻئي طرف ملڪ ۾ گذريل 23 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي پازيٽيو ڪيسن جي شرع 4.89 سيڪڙو رهي ، هوڏانهن سنڌ ۾ 21 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن 1683 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ڪراچي ۾ 1447، حيدرآباد 51، شهيد بينظيرآباد ۾ 19، ڄامشوري 17، بدين ۾ 15 ، ٽنڊوالهيا ۾ 15 ۽ ٿرپارڪر ۾ 12 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو