جوهي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو پٽي کيرٿر جبل سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي تيز برساتن بعد نئين گاج، نئين انگئي، نئين هليلي نئين نلي سميت ٻيون مختلف نئيون وهي آيون جنهن سبب ڪاڇي جا هيٺاهين وارا علائقا هڪ ڀيرو وري پاڻي هيٺ اچي ويا, انهن علائقن ۾ ڇني ساوڙو بهليل شاھ علي مراد شاهاڻي سجاول آلکاڻي، گولو فقير ڪيچي شاهاڻي، پير لاکيو ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن, انهن ڳوٺن ۾ چئو طرف پاڻي اچڻ ڪري ڳوٺاڻا پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويا جڏهن ته ڪجھ ڏينهن پهريان پاڻي جي تيز وهڪرن سبب ڇني ڀرسان لڳل مرڪزي پل، واهي پانڌي ويجهو سول ندي تي اڏيل پل جي ٻنهي پاسن کان گهارا لڳا هئا جيڪي 8 ڏينهن گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهيا ضلعي انتظاميا جي نااهلي سبب پل جي ٻنهي پاسن کان لڳل گهارن جو ڪم 8 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود نه ٿي سگهيو جنهن سبب ڪاڇي جي ڇهن يونين ڪائونسلن جنهن ۾ يوسي ڊرگھ بالا، يوسي ڇني يوسي واهي پانڌي، يوسي ساوڙو، يوسي ٽنڊو رحيم خان ۽ شاه حسڻ جي 500 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو جوهي دادو ۽ ڀان سيد آباد کان ڪٽيل آهي, روڊ رستا مڪمل طورتي بند هجڻ سبب ڪاڇي ۾ کاڌ خوراڪ سميت ميڊيڪل اسٽورن تي دوائن جي پڻ سخت کوٽ ٿي وئي آهي, روڊ رستا بند هجڻ سبب ڪاڇي واسي عورتن جي ويم / ڊليوري سميت ٻين بيمارين جي علاج معالجي لاء جهانگارا باجارا کان ضلعي هيڊڪواٽر دادو تائين وڏو فاصلو طئي ڪرڻ تي مجبور آهن, ڇني روڊ جي پل واري پتڻ تي بيٺل پرائويٽ ٻيڙين وارا مسافرن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا في ماڻھو 100 کان 200 روپيا، سيڌي سامان جو ڪٽو 100 روپيا جڏھن موٽر سائيڪل 200 روپيا وٺڻ لڳا، تنهن باوجود تڪ جو ايم پي اي صالح شاه ڪاڇي جي روڊ رستن کي بحال ڪرائڻ بدران تڪ تان غائب پنهنجي بنگلي تائين محدود بڻيل آهي جڏهن ته ڪجھ ڏينهن پهريان تڪ جي ايم اين اي پاران واهي کان جوهي ۽ ڇني کان جوهي جي رستن جي بحالي جو اعلان ڪيو ويو هو پر سندس اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو رستي جي بحالي نه ٿي سگهي جنهن سبب ڪاڇي واسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن, ڪاڇي اندر ٻوڏ متاثرن جي اٺين ڏينهن به ڪنهن سار ناهي لڌي عيد جي موڪلن سبب ضلعي انتظاميا موڪلن تي رواني ٿي وئي هن وقت تائين متاثرن کي راشن نه ملي سگهيو ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن مطالبو ڪيو ته کين هڪدم راشن فراهم ڪرڻ سان گڏ واهي پانڌي وٽ سول واري پل، ڇني ويجهو ايف پي بند پل جي مرمت ڪرائي ڪاڇي جي ڇهن يونين ڪائونسلن جو تعلقي هيڊ ڪوارٽر جوهي ۽ ضلعي هيڊڪواٽر دادو سان زميني رابطو بحال ڪيو وڃي.
