ٽنڊوڄام (ويب ڊيسڪ) ٽنڊوڄام جي ورڪشاپ واري علائقي ۾ ايم ٽي ايم روڊ تي جوابدار عامر ميمڻ پنهنجي گهرواري عمبرين ميمڻ مٿان پئٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، عورت جي رڙين تي گهر جي ٻين ڀاتين ۽ پاڙي وارن عورت کي فوري طور ٽنڊوڄام جي رورل هيلٿ سينٽر تي آڻڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ذريعن عورت جي 70 سيڪڙو جسم سڙي وڃڻ بعد حالت وڌيڪ خراب هجڻ ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو ته هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو حوالي ڪيو، ٻئي طرف وارثن ۽ پاڙي وارن جوابدرعامر ميمڻ کي ٽنڊوڄام پوليس حوالي ڪيو، جنهن کي پوليس لاڪپ ڪري ڇڏيو، مليل ڄاڻ موجب جوابدار عامر ميمڻ پنهنجي گهرواري کي مبينا طور گهريلو اڻبڻت تان صبح سوير باهه ڏني هئي، جنهن بعد سڙيل عورت کي اسپتال منتقل ڪيو، هوڏانهن پوليس ذريعن موجب جوابدار ذهني مريض ٿو لڳي.
