اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر شدت اختيار ڪرڻ لڳي، مثبت ڪيسز جي شرح ساڍا 6 سيڪڙو ٿي وئي، ڪراچي ۾ مثبت ڪيسز جي شرح ساڍا 23 سيڪڙو کان وڌي وئي، اين سي اوسي موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 819 نوان ڪيس سامهون آيا، 45 مريضن دم ڏنو، ڪراچي جي ضلعي ڪورنگي جَي 5 يوسيز ۾ لاڪ ڊائون لاڳو، ناصر ڪالوني، گلزار ڪالوني، ڀٽائي ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ لاڪ ڊائون جو نوٽيفڪيشن جاري، بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ اڄ کان 15 ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آھي.
