200

نور مقدم ڪيس: پٽ جي ڏوھ ۾ نھ گڏ آھيون ۽ نھ ئي ڪيس جي پيروي ڪنداسين: ظاھر جعفر والدين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سفارتڪار جي ڌيءَ نور مقدم جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ظاھر جعفر جي والدين جو چوڻ آھي تھ پٽ جي ڏوھ ۾ نھ گڏ آھيون ۽ نھ ئي ڪيس جي پيروي ڪنداسين، ٽي وي پروگرام ۾ جوابدار ظاھر جعفر جي والدين جي وڪيل رضوان عباسي ايڊووڪيٽ جو چوڻ ھو تھ جوابدار جا والدين مقتول ناري نور مقدم جي وارثن سان گڏ آھن ۽ ھن ڪيس ۾ انصاف چاھن ٿا، رضوان عباسي ٻڌايو تھ ظاھر جعفر جي والد ذاڪر جعفر ۽ والدا عصمت آدم پنھنجي پٽ جي ڪنھن ڏوھ ۾ گڏ ناھن، رضوان عباسي ٻڌايو تھ جوابدار ظاھر جعفر جي والدين نور مقدم جي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو