117

ڪشمير کي ڌار ملڪ بنائڻ واري مهم…

ليکڪ: علي محمد ميمڻ

وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۾ چونڊ مهم ۾ تراڙ کل ۾ جلسي کي خطاب ۾ چيو آهي ته گڏيل قومن ڪشمير جي ماڻهن کي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو  آهي.وزير اعظم طرفان اعلان ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ چونڊون کٽڻ بعد ڄمون ۽ ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق جي فيصلي بعد هڪ ٻيو ريفرنڊم ڪرائيندي جنهن ۾ ڪشميري فيصلو ڪندا ته هنن کي پاڪستان سان گڏ رهڻو آهي يا آزاد  ملڪ ٿيڻو آهي؟ آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي چونڊ لاءِ 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان ڪشمير واري واديءَ جي ٿڌي ۽ پرسڪون ماحول کي اتي ٿيندڙ عام چونڊن گرمائي ڇڏيو آهي، چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ملڪ جي ٽن وڏين پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان جي حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي جماعتون ۽ آزاد اميدوار پڻ ميدان ۾ لٿل آهن، ان سموري اليڪشن مهم جي پڄاڻي وارن جلسن ۾ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جا وڏا وڏا اجتماع ميڊيا رڪارڊ تي آيا آهن، ٻئي پاسي سياسي جماعتن طرفان آزاد ڪشمير جي عوام کي پنهنجي منشور ۽ سياسي واعدن سان پنهنجي پاسي ڪرڻ ۽ سندن جماعت ۽ اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ مختلف وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن، آزاد ڪشمير جي مختلف تڪن ۾ هلايل چونڊ مهم ۾ ڪجهه ڳڻتي وارا واقعا پڻ منظرعام تي آيا آهن، جنهن ۾ هڪٻئي تي غير اخلاقي لفظي حملا ڪرڻ ۽ ملڪ جي محترم هستين بابت جهالت واريون تهمتون هڻڻ ۽ بداخلاقي واريون ڪارروايون ڪرڻ وارا واقعا اڳ ئي پنهنجي ملڪ ۽ آزاد ڪشمير جي عوام لاءِ پريشانين جو سبب ته بڻيل  آهن، ان ڏس ۾ خاص طور تي آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي حوالي سان پاڪستان جي حڪمران جماعت پي ٽي آءِ پڻ پنهنجي قول ۽ عمل ۾ ملڪ جي بنيادن کي لوڏيندڙ اعلان ڪيا آهن، جنهن موجب وزيراعظم عمران خان چونڊن بعد ڄمون ۽ ڪشمير جي هندستان يا پاڪستان جو بڻجڻ واري فيصلي بعد ڪشمير  جي ٻنهي ملڪن کان ڌار ٿي الڳ ملڪ جي صورت ۾ آزاد ٿيڻ لاءِ ريفرنڊم ڪرائڻ وارو اعلان پڻ شامل آهي، ڪشمير جو ملڪ کان ڌار ٿيڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرائڻ وارو وزيراعظم عمران خان جو ڪيل اعلان يقينن ڳڻتي وارو معاملو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪشمير جو پاڪستان جو حصو ٿيڻ اسان جي ملڪ جي جياپي ۽ جاگرافيائي حقيقت طور سنڌو ماٿريءَ واري قديم ملڪ جي حيثيت ۾ بحالي ۽ مڪمل ٿيڻ تمام اهم معاملو آهي، اسان جي ملڪ جي برطانيا جي راڄ کان آزادي ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي واري عمل ۾ڪشمير جي اڪثريتي عوام جو فيصلو قبول ڪرڻ بدران آزادي کان اڳ ڪشمير جي ڊوگر حڪمران طرفان غير قانوني طور ڄمون ۽ ڪشمير واري واديءَ جو هندستان سان الحاق ڪرڻ وارو ڪيل فيصلو ٻنهي نون آزاد ٿيل ملڪن پاڪستان ۽ هندستان ۾ تڪرار جو سبب بڻجي ويو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ هن وقت تائين 4 جنگيون پڻ ٿي چڪيون آهن، اهڙي ريت گذريل 70 سالن کان اهو تڪرار ۽ معاملو گڏيل قومن ۾ موجود آهي، جنهن تي سلامتي ڪائونسل طرفان ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏيڻ بابت پاس ڪيل قراردادن جي روشني ۾والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ آزاد ڪشمير جي عوام کي پنهنجي پاڪستان يا هندستان سان الحاق لاءِ راءِ شماري ۾ فيصلو ڪرڻو آهي ته هو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا يا هندستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا پر ان سموري معاملي ۾ ڪشمير جو ڌار ملڪ ٿيڻ وارو ڪوبه نقطو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۾ شامل ئي نه آهي، ملڪ لاءِ هن وقت ڇرڪائيندڙ ۽ افسوسناڪ صورتحال اها پيدا ٿي وئي آهي ته وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشمير کي پاڪستان کان ڌار ٿيڻ لاءِ همٿائڻ ۽ الڳ ٿيڻ وارا هاڃيڪاري جا رستا پڻ ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن ۽ پنهنجي چونڊ واعدن ۽ اعلان ذريعي ڪشمير کي پاڪستان کان ڌار ٿيڻ واري هاڃيڪاري وارو رستو ڏيکارڻ واري جيڪا ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان سان ملڪ جي بنيادن ۽ وجود کي ئي سواليا نشان بڻائڻ وارا ڪم ڪيا پيا وڃن. واضح رهي ته سنڌو ماٿريءَ وارو قديم تاريخي ملڪ ڪشمير بنا نامڪمل ۽ سنڌو درياهه تان به هٿ کڻڻ ۽ ملڪ کي ويران ۽ بيابان بڻائڻ واري مهم جوئي ۽ هاڃيڪاري واري رٿ طور ڏسي سگهجي ٿو، هندستان هن وقت پنهنجي تاريخ جي خوفناڪ شڪل واري خونخوار ملڪ جي حيثيت ۾ مذهبي جنونيت واري سياسي ۽ سماجي تباهي واري صورتحال جو شڪار آهي، جيڪو سمورن بين الاقوامي معاهدن، قانونن ۽ قاعدن جي برخلاف ڄمون ۽ ڪشمير واري والاريل خطي کي پنهنجي ملڪ ۾ ضم ڪري چڪو آهي، هاڻي هندستان جي حيوانيت ۽ سندس لالچي ۽ خونخوار اکيون آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ کتل آهن. اهڙي صورتحال ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي پاڪستان کان ڌار ٿي هندستان جي خونخوار حملن جو شڪار ٿيڻ کان ڪنهن به صورت ۾ روڪي نه سگهبو، اهڙي صورتحال ۾ اسان جي ملڪ جي حڪمران طرفان ڪشمير جي مستقبل بابت احتياط، علم ۽ دانش کان ڪم وٺڻ بدران هر صورت ۾ چونڊون کٽڻ لاءِ ملڪ کي داءَ تي لڳائڻ ۽ ڪشميرين کي پاڪستان کان ڌار ٿيڻ طرف مائل ڪرڻ جا اڳتي هلي ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا، ان تي ٿورڙو به غور ڪرڻ سان مستقبل قريب ۾ ٿيندڙ تباهين جو اندازو سولائي سان لڳائي سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو