202

قرت العين بلوچ جو قتل ۽ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد جا واقعا..

ليکڪ: صنوبر خاصخيلي

اسان جي معاشري ۾ اھڙا کوڙ سارا سبب آھن، جن جي آڌار تي عورت کي نفرت جو نشانو بڻايو ويندو رھيو آھي ۽ عورت سان جنسي بنيادن تي ڪئي ويندڙ نفرت ھن پدرشاھي سماج جي پري پلاننگ ۽ ايجنڊا جو ئي نتيجو آھي جو ھر عام ماڻھو ان سماج جي مڙھيل ڳالھين تي عمل ڪندي ۽ برين واش ٿيڻ کانپوءِ پنھنجو مائينڊ سيٽ ٺاھي ان اڻبرابري تي ٻڌل سماجي اصولن کي پاڻ تي حاوي ڪري ڇڏيندو آھي، جڏھن ته اسان جي معاشري جي عورت صرف ان بنياد تي نفرت برداشت ڪندي رھي ٿي جو ھوءَ عورت آھي، مان عورت جا اڻڳڻيا روپ ڏٺا آھن، مون ڪڏھن به گھريلو عورتن جي جذبي ۾ گهٽتائي ناھي ڏٺي، ماڻھون سمجھندا آھن ته گھر پئسي سان ھلندو آهي، پر مان اھو تصور ڪيان ٿي ۽ اها ڄاتل سڃاتل حقيقت به آھي ته گھر عورت جي سلڇڻائپ سان ھلندو آھي، گھر بچائڻ کان ھلائڻ وارو مرحلو عورت ئي طئي ڪندي آھي ۽ ان ڳالهھ ۾ به شڪ ناھي ته جنگ جو ميدان ھجي يا راندين جو، تعليم ۽ تربيت جو شعبو ھجي يا وري ڪاروباري مسئلا ۽ گھرداري ھجي مان ھر جاءِ تي عورت کي محفوظ ۽ مستحڪم ناھي ڏٺو، جنھن جا کوڙ سارا سبب آھن. اسان جي ڀرپاسي جيون جون جنگيون وڙھندڙ عورتون ھڪ صحتمند معاشري کي جنم ڏيڻ لاءِ ماءُ جو عظيم ڪردار، ڀاءُ جو ڀرجھلو ٿيندڙ ڀيڻ جو ڪردار ۽ مڙس جو سندرو بڻجي زال وارو ڪردار سهڻي انداز سان نڀائين ٿيون، تنھن باوجود اسان عورت کي پنھنجي جنسي تسڪين ۽ سماجي ضرورتن جي پورائي کان وڌيڪ اھميت نه ڏئي سگھيا آھيون، ھڪ انداز مطابق دنيا جي 49.6 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آھي، عورتن ۽ مردن جي آبادي جي تناسب ۾ ڪو خاص فرق نه آھي پر هن وقت تائين ٻنهي جي آبادي برابر ٿي سگھي آھي آزادي نه، عورتن کي انڊراسٽيميٽ ڪرڻ وارا ماڻهو اهو وساري ٿا ويھن ته جيڪڏھن عورت نه ھجي ھا ته مرد جو به ڪو وجود نه ھجي ھا ۽ مان تمام گھڻي حيران تڏھن ٿيندي آھيان جڏھن اھو ئي مرد عورت کي سڄي معاشري جي اڳيان خوار ڪري ايذائيندو آھي ۽ اھو چئي مذاق اڏائيندو رھندو آھي ته عورت ڪمزور آھي، عورت ڪمزور ڪيئن ٿي ٿي سگھي؟ قرت العين بلوچ جيڪا تمام گھڻي پڙھيل لکيل ۽ هڪ سلجهيل ۽ نامياري اديب ناول نگار ۽ سفر ناما نگار انور بلوچ جي ڌيءُ هجڻ سان گڏ پڙهيل لکيل گھر سان تعلق رکندڙ بااختيار باشعور نياڻي هئي، ڀلا اهڙي نياڻي ڪمزور ڪيئن ٿي ٿي سگھي؟ ھا پر اسان جا معاشرتي اصول ۽ سوچون ڪمزور ضرور آھن ۽ اھي نظريا ئي عورت جي سوچن تي حاوي ٿي ان کي ڪمزور هجڻ جو احساس ڏيارين ٿا، نتيجي ۾ معاشري پاران مڙھيل ڪمزوري قبول ڪندڙ ڪيتريون ئي قرت العين بيدردي سان قتل ڪيون وينديون آھن، جيتوڻيڪ عورت کي عورت مان به خطرو ناھي پر اصل خطرو ان حوس جي پوڄاري ۽ نفسياتي طور تي پاڻ کي برتر سمجھندڙ مرد کان ھوندو آھي، پوءِ به آخر ڪھڙن بنيادن تي معاشرو عورت کي ڪمزورن ۾ شمار ڪري ٿو؟ تازو جاري ٿيل هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان جي چئني صوبن ۾ عورتن تي تشدد ۽ ريپ جي ٿيندڙ واقعن جو تعداد اڍائي ھزار ٻڌايو ويو آھي ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت ۾ ٿيندڙ واقعن جو ئي رڳو 2297 انگ آھي ۽ اھي واقعا نه صرف اخبارن ۾ ڇپيا آهن پر ڄاڻايل حدن جي ٿاڻن تان به انھن جي تصديق ڪري سگهجي ٿي. ڇو ته انهن واقعن جا ڪيس پڻ داخل ٿيا آهن، رپورٽ ۾ اھو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته عورت تي تشدد ۽ انھن جي استحصال ۽ اغوا بعد جنسي درندگين جا سڀني کان گھڻا واقعا سنڌ صوبي جي اترين ضلعن ۾ ٿيا آھن، سنڌ ۾ بيرحماڻي تشدد ۽ حراسمينٽ جي ڪيسن ۾ گذريل سال جي نسبت سان 40 سيڪڙو واڌ ٿي آھي، وڌيڪ رپورٽ کي شامل ڪندي ٻڌائيندي ھلان ته ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي رپورٽ مطابق 90 سيڪڙو عورتون گهريلو تشدد جو شڪار ٿينديون آھن، عالمي سطح تي گڏيل قومن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪوفي عنان جي ڏنل بيان مطابق دنيا جي ھر معاشري ۽ ثقافت ۾ عورتن تي تشدد ڪيو ويندو آھي ۽ ان ۾ ھر عمر، رنگ، نسل ۽ طبقي جون عورتون متاثر ٿينديون آھن. عورتن تي ٿيندڙ تشدد جا مختلف قسم آھن، جنھن ۾ غيرت جي نالي تي قتل، زيادتي، اغوا، مارڪٽ، گارگند ۽ زبردستي نڪاح شامل آهن، نه صرف ايترو پر جسماني تشدد کانسواءِ ذھني اذيتون ڏيڻ به تشدد ۾ شامل آھي، جيڪڏھن گھريلو تشدد بابت ڪو ڪيس سامھون ايندو به آھي ته وڌيڪ ان عورت جي عزت کي اڇلايو ويندو آھي، ايتريقدر جو عجيب سوال اٿاريا ويندا آھن ۽ عورتن کي بار بار ڪمزور محسوس ڪرائڻ سبب ذھني طور تي اهي ايتريون ئي مفلوج ٿي وينديون آهن جو پاڻ کي ڪمزور سمجهي چپ رهڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي سمجهنديون آهن، گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق صرف 4 سيڪڙو عورتون پاڻ مٿان ٿيندڙ تشدد ۽ ظلم رپورٽ ڪرائينديون آھن ۽ ان کان به گھٽ قانوني رستو اختيار ڪنديون آھن، اھڙي طرح محنت ۽ مزدوري ڪندڙ طبقي سان تعلق رکندڙ عورتن کي تمام گھڻا مسئلا سامهون ايندا آھن، جنھن ۾ جنسي يا نفسياتي طور تي حراسان ڪيو وڃڻ، جنسي زيادتي، پورھئي جي نسبت گھٽ معاوضو ڏيڻ يا بنا معاوضي ئي پورھيو ڪرائڻ، زندگي جا فيصلا وٺڻ جون پابنديون، روزگار جا موقعا نه ھجڻ، تنقيد، اغوا ۽ انصاف تائين پھچ نه ھجڻ جھڙا معاملا شامل آھن، خاص طور تي جسماني ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻجندڙ گھرن ۾ ڪم ڪار ڪندڙ معصوم عمر جي ٻارڙين جي گھڻائي آھي، انهن معصوم پنکڙين سان ٿيندڙ ان زيادتين جو خاتمو معاشرتي روين جي تبديلي کانسواءِ ممڪن نظر نٿو اچي، عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف ھر سال عالمي سطح تي ڏهاڙا به ملھايا ويندا آھن ۽ اھي به صرف انھن معاشرن ۾ جتان جي عورت اسان جي معاشري جي نسبت گھڻي خوشحال ۽ ماڊرن آھي، انھن ڏينھن ملھائڻ جو مقصد عورتن جي مسئلن کي سمجهڻ، منظر عام تي آڻڻ ۽ انھن جي شعور کي اجاڳر ڪرڻ ھوندو آھي پر افسوس ته اسان وٽ اھڙا ڪي به پروگرام ناھن ٿيندا، جيڪڏھن ايڪڙ ٻيڪڙ پرائيويٽ ادارن يا عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن طرفان ڪي پروگرام رٿيا به ويندا ھجن ته انهن ۾ خاص شرڪت اهڙين عورتن جي ھوندي آھي جيڪي ذاتي طور تي خوشحال ۽ ماڊرن ھونديون آھن، جيڪي حقيقي طور تي اسان جي معاشري جي عورتن سان مسئلن بابت الف ب کان به واقف ناھن ھونديون. عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومتي قدم مطئمن ڪندڙ نه آھن، جيستائين قانون حرڪت ۾ نه ايندو تيستائين عورت کي برابري جا حق ۽ انصاف ملڻ محال آھي ۽ موجوده دور ۾ ميڊيا پنھنجو ڪردار نڀائي عورتن جي حقن جي حوالي سان مؤثر شعور اجاڳر ڪري سگھڻ جي سگهھ رکي ٿي. ڪنھن به ملڪ ۾ امن قائم رکڻ، تشدد ۽ ڏوھن جي خاتمي ۽ انصاف جي فراھمي ۾ پوليس جو ڪردار انتھائي اھميت وارو ھوندو آھي، پوليس عورتن جي حقن ۽ انھن سان ٿيندڙ ڪلورن بابت مڪمل ڄاڻ ۽ ان خلاف ايڪشن کڻڻ جي ذميواري نيڪ نيتي سان نٿي نڀائي تيسين ننڍن شھرن، ڳوٺن ۽ ٻھراڙين ۾ عورت ائين ئي تشدد جو شڪار رھندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو