149

گلگت بلتستان جو سير…

ليکڪ: الطاف ابڙو/حصو پهريون

اسان پاڪستان جي خوبصورتي ۽ حسين منظرن کي پسڻ لاءِ جڏھن ناران، ڪاغان، بابو سرٽاپ، گلگت بلتستان، چلاس، ھنزا، عطا آباد ڍنڍ، لولو سر ڍنڍ، ايبٽ آباد، ٺنڍياني، نٿيا گلي ۽ ڪوھه مري ڏسڻ لاءِ خيرپور ۽ سکر ڪاليجن جي سپلا اڳواڻن شديد گرمي کي ڇڏي پنھنجي جسم جي کل کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ پروفيسر محمد ايوب مري،سيد علي گل شاھه، الطاف ابڙو، نور حسن بلوچ، ذوالفقار سومرو، مفتي قاضي سليم الله، سيد اصغر عباس شاھه، رياض مري، زاھد سولنگي، انعام لاڙڪ، حبدار علي شنباڻي ۽ روشن علي خاصخيلي خيرپور کان ٿيندا روھڙي ڪيفي پيالا وٽ چانھن پيئڻ کانپوءِ ملتان موٽروي تان نڪري پياسين، ملتان ۾ مانجھاندو ڪري وري سفر شروع ڪيو، رات جو نائين وڳي اسلام آباد اچي رسياسين. جتي پاڪستان اڪيڊمي ادبيات جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ سان ڪچھري ڪئي، جن اسان کي تمام مان ڏنو ۽ اڪيڊمي ادبيات ھاسٽل ۾ رھڻ جو  بندوبست ڪيو ھو، رات رھي اسان ناران لاءِ  نڪتاسين جتي سخت سردي ۾ اچي رات رھياسين، ناران کان بابو سرٽاپ تائين خوبصورت نظارا ڏسڻ لاءِ مليا، جن ۾ بلند پھاڙن ۽ ڊگھن وڻن من کي موھي وڌو ھو، بابوسرٽاپ تي برف باري پڻ ٿي رهي هئي، جتي اسان بلڪل سخت سردي ۾ ڏڪي رھيا ھياسين ۽ آڪسيجن جي گھٽجڻ جو سلسلو پڻ محسوس ٿي رھيو ھو، نيٺ اسان گلگت بلتستان طرف روانا ٿياسين، چلاس کان ٿيندا گلگت رات جو ڏھين وڳي پھتاسين جتي اسان جي دوست پروفيسر ڊاڪٽر سجاد علي رئيس اسان کي رات جي ماني کارائي ۽ رهڻ لاءِ  ھوٽل جو بندوبست ڪيو، صبح جو  اسان کي ڪارگاھه ٻڌا جي طرف وٺي ھليو، جتي اسان ھڪ عورت جي پٿر تي ٺھيل مجسمو ڏٺو ۽ ان جي تايخ بابت ڄاڻ حاصل ڪئي، اتي اسان جو رابطو گلگت بلتستان جي گلگت پروفيسرس اينڊ ليڪچرس ايسوسيئيشن جي تنظيمي دوستن سان ٿيو جيڪي اسان کي ھڪ مشھور ھوٽل تي وٺي ھليا، جتي خضر درياهه پڻ گجگوڙ سان وھي رھيو ھو، جنھن کي اسان سنڌو درياهه به چئي سگھون ٿا، ڇاڪاڻ جو اھو درياهه سنڌو درياهه  سان اچي ملي ٿو، اتي انھن پروفيسر دوستن سان خوب ڪچھري ٿي جن اسان کي ٻڌايو ته گلگت بلتستان وارو علائقو چوڏھن ضلعن تي ٻڌل آھي. جتي ٿوري ٿوري فاصلي تي توهان کي تمام گھڻي رنگا رنگي نظر ايندي، جو ھر ضلعي جو پنھنجو مسلڪ آھي، پنھنجي زبان آھي، پنھنجي سڃاڻپ آھي، پنھنجو ڪلچر آھي ۽ پنھنجي موسم آھي. توھان کي حيرت ٿيندي ته جڏھن اوھان چلاس کان سفر ڪندا ته سخت گرمي محسوس ٿيندي. توھان ٿورو اڳتي سفر ڪندا ته شديد سردي محسوس ڪندو. ھر ڏھن ڪلو ميٽرن بعد اوھان کي پھاڙن جو رنگ تبديل نظر ايندو، اھڙي نموني سان پاڻي جو رنگ ۽ ذائقو به تبديل ٿئي ٿو. سچ پچ ته دنيا جي ڪنھن به خطي ۾ اوھان کي ايترو تنوع نظر نه ايندو جيترو ھتي اسان جي گلگت بلتستان ۾ آھي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ يا ته سردي ھوندي يا گرمي پر ھتي اسان وٽ ٻئي موسمون گڏوگڏ آھن، اسان وٽ ١۴ زبانون ڳالھايون وڃن ٿيون، زبان سان گڏوگڏ شادين مرادين جا طور طريقا ۽ رسمون ايتري قدر جو ماڻھن جو لباس ۾ به مختلف آھي،ھر زبان جا ڪيترائي لھجا آھن، جيئن اوھان وٽ  لاڙ وارا ماڻھو يا خيرپور وارا ماڻھو يا گھوٽڪي وارا ماڻھو سنڌي ڳالھائين ٿا پر انھن جو جو لھجو الڳ ھوندو آھي، اھڙي نموني اسان وٽ به لھجي ۾ فرق موجود آھي. اسان وٽ اوچائي به آھي تـ اونھائي به، ڍنڍون به آھن ته گليشئر بـه،آبشار بـه آھن ته ماڻھن ۾ ميٺ محبت به، ڊاڪٽر سجاد رئيس اسان کي راڪاپوشي جبل وٺي ويو، جتي ڏاڍو مزو آيو. ان جبل جي اوچائي 7 هزار 7 سو 88 ميٽر آھي، جيڪا دنيا جي 27 نمبر تي اوچي چوٽي آھي، جڏھن ته پاڪستان ۾  اٺين اوچي چوٽي آهي، ھن راڪاپوشي جبل کي گلگت جا مقامي ماڻھو دماني جي نالي سان به سڏين ٿا، جنھن جي معنيٰ آھي دوھون ڏيندڙ چوٽي. جڏھن سيارو ايندو آھي ته راڪاپوشي جي چوٽي مان دونھون نڪرندو آھي،  اسان راڪاپوشي گھمڻ کان پوءِ عطا آباد ڍنڍ وياسين جتي بوٽنگ ڪري زبردست لطف حاصل ڪيوسين، هن عطا آباد ڍنڍ بابت ٻڌايو پيو وڃي ته جڏھن 2005 ۾ زلزلو آيو ھو ته ھي پھاڙ لڏي ويا ھئا ۽ هي ڍنڍ ظاهر ٿي پئي هئي، گلگت بلتستان واري مرڪزي امام بارگاھه ۽ سھڻي مسجد پڻ ڏٺيسين. آخر ۾ اسان ھنزا ڪريم آباد وياسون جتي مردن سان گڏ عورتون به دڪانن تي ڪم ڪري رھيون ھيون. پڇا ڪرڻ تي انھن ٻڌايو ته اهي زال مڙس آھن ۽ پنھنجن دڪانن تي گڏجي ڪم ڪندا آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو